سڀ ڪُجهه تنهنجي پيارَ کي سمجهيم،
ڪُجهه نه ڪڏهن سَنسارَ کي سمجهيم.
سادا سودا تُنهنجا آهيون،
بي مَقصد سينگارَ کي سمجهيم.
پنهنجي سِرَ لئه موتُ او سائين،
تنهنجي ئي انڪارَ کي سمجهيم.
پَهريان تُنهنجي ديدَ ڏِٺي مون،
پوءِ وڃي تلوارَ کي سمجهيم
محبوبا پوءِ سَمجهَه ۾ آئي،
جنهن پل هِڪڙي ٻارَ کي سمجهيم.
جيون جو سرمايو زاهد،
انساني ڪردارَ کي سمجهيم.