راتين جو رولاڪ مُسافر آهيان مان،
نيٺ ته ملندو ٿاڪ مُسافر آهيان مان.
هڪڙي پل ۾ ڪيئن ٻُڌايان وَرِهَن جو،
قصو آ غمناڪ مُسافر آهيان مان.
سگهه ملي آ ڀٽ ڌڻيءَ جي پيرن جي،
نيڻن ۾ آ خاڪ مُسافر آهيان مان.
کولي ڇڏ در پَنهنجين مقتل گاهن جا،
مست ملنگ بي باڪ مُسافر آهيان مان.
زخمن ساڻ پريت پُراڻي آ زاهد،
دردن جو هيراڪ مسافر آهيان مان.