شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2807
  • 700
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

ڌرتيءَ سان جيئن وڻ ٻوٽن جو ناتو آ،

ڌرتيءَ سان جيئن وڻ ٻوٽن جو ناتو آ،
توسان تيئن دل جي ڌڙڪن جو ناتو آ.

ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان ڪو ناتو ڪونهي،
سوچن سان هوندو سوچن جو ناتو آ.

رت جا رشتا رهزن ٿي پوندا آهن،
سچو ذهن ضميرن جو ناتو آ.

ملندا آهن نيٺ ڪنهين چئو واٽي تي،
رستن سان اهڙو رستن جو ناتو آ.

تر جيڏو ايذاءُ به اندر جهوري ويو،
سُڏڪي پيو سچن جذبن جو ناتو آ.

زاهد تن کي جيءَ ۾ آهي جاءِ ڏني،
زاهد سان پڪو جن جن جو ناتو آ.