تو بن ڪهڙي شام اسان جي، تو بن ڪهڙي شام اسان جي، دوزخ جهڙي شام اسان جي، روز وڇوڙي جي ڪنڊن سان، دل آ رهڙي شام اسان جي. جهڙي ڪاري رات انڌاري، آهي تهڙي شام اسان جي. ڀيٽيان ڪيئن بهار سان زاهد، ناهي اهڙي شام اسانجي.