شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2807
  • 700
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

جنهن جي دل ئي ڪاري آهي،

جنهن جي دل ئي ڪاري آهي،
تنهن سان ڪهڙي ياري آهي.

صدين تائين زنده رهندي،
جيڪا سوچ سَگهاري آهي.

ڏاڍو پيارو آهي پرين پر،
سنڌ پرينءَ کان پياري آهي.

ماڻهن جا ٿو مُلهه مٽائي،
وقت وڏو واپاري آهي.

ٻيهر ٻيڻو ٿي ايندس مان،
هيل ته بازي هاري آهي.

موتين جو سو مُلهه ڇا ڄاڻي،
جنهنجي مُٺ ۾ واري آهي.

اُن جي پنهنجي ٻولي ڪهڙي،
جو ماڻهو سرڪاري آهي.

من جو ساجن ساڻُ آ زاهد
عُمر سجائي گهاري آهي.