هر ڪو پنهنجي اندر سان ڳالهائي ٿو،
آٿت ڏئي اُميدن کي ريجهائي ٿو.
حيرت آهي پاڻ کي ڪو نه ٿو سمجهائي،
هر ماڻهو ٻي ماڻهوءَ کي سمجهائي ٿو.
مون کي سوئي ماڻهو پيارو لڳندو آ،
لُڙڪن کي جو مُرڪن منجهه لڪائي ٿو.
تنهن پل ساري ڌرتي دوزخ بڻجي ٿي،
جنهن پل ڪوئي ڪنهن جي دل ايذائي ٿو.
زاهد جي لئه ساري سنڌ گواهه اٿئي،
جنهن سان لائي تنهن سان توڙ نڀائي ٿو.