ساري رات ستارن ڪنڌُ جُهڪايو آ،
منهنجي من جو چَنڊُ اڱڻ تي آيو آ.
لوڪ سَڄو مون بيهاريو در کان ٻاهر،
دل جي گهر ۾ هڪ دلبر ترسايو آ.
دوزخ ناهي، جنت آهي سارو جَڳُ،
ماڻُهن پنهنجي پاڻ کي پاڻ جلايو آ.
موت پرينءَ کي مون کان ڪو نه ڇني سگهندو،
ساجن کي مون ساهن منجهه سمايو آ.
ناتو سورن ساڻ نئون ناهي زاهد،
دردن دل کي ورهن کان تڙپايو آ.