پنهنجي پاران
هن سماج ۾ انسانن جي حيثيتن کي ننڍن وڏن عهدن جي حساب سان ڀلي کڻي ڪيترن به حصن ۾ ورهائجي پر بنيادي طور تي هن دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا جن ۾ هڪڙا ماڻهو آهن حساس ۽ ٻيا آهن بي حس، حساس ماڻهو هميشه پنهنجين سوچن ذريعي ڪائنات جي هر رنگ ۽ روپ جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي جستجو ۾ رهندا آهن ۽ بي حس ماڻهو پٿر جي اُن پُتلي جيان آهن جن کي جيئن ۽ جتي بيهاريو اتي ئي بيٺا رهندا. پٿر جي بت کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڏک ڇاهي يا سُک ڇاهي؟.
دنيا جي دردن، سورن، عذابن مشڪلاتن ۽ مصيبتن کي جيڪو ماڻهو جيتري تيزيءَ سان محسوس ڪري ٿو اوترو ئي شدت سان ڀوڳي به ٿو ۽ جنهن ماڻهوءَ جي محسوسات جو عمل جيترو وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. اُهو ماڻهو فڪري طور تي اوتري ئي مضبوط ڳالهه ڪري سگهندو آهي ۽ جنهن به ڳالهه ۾ فڪر جي گهرائي يا سماجي چڱائين ۽ بُرائين جي نشاندهي ٿيل هوندي آهي اُن ڳالهه کي شاعري چئبو آهي. پر ان لاءِ شرط آهي ته اُها فن ۽ فڪر جو خوبصورت سنگم هجي. جيڪڏهن حقيقت جي نگاهه سان ڏسبو ته هر شاعر جي سڄي شاعري سُٺي ڪو نه هوندي آهي. پر هر شاعر جي شاعريءَ ۾ ڪي ڪي سٽون اهڙيون هونديون آهن جيڪي هر ماڻهوءَ جي روح ۾ پيهجي وڃڻ جي سگهه رکنديون آهن. ان ڪري مان به پنهنجي هر شعري مجموعي منجهان صرف ايتري ئي اميد رکان ٿو ته من ڪي چند سٽون ڪنهن جي خوبصورت دل ۾ ڪا ننڍڙي جاءِ جوڙي سگهن ته اِها منهنجي لاءِ تمام وڏي خوشنصيبي هوندي سالن کان لکڻ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هيم پر ٿورائتو آهيان پنهنجي نهايت ئي پياري، دوست منصور قادر جوڻيجي جو جنهن ٻيهر لکڻ لاءِ همٿايو ۽ ڪتابن ڇپائڻ جي صلاح ڏني. منصور مونکي ڏاڍو پيارو آهي پر هونءَ به مان هر سٺي ۽ سچي ماڻهوءَ کي جيءَ ۾ جايون ڏيندو آهيان ۽ هر منافق ۽ بدتميز ماڻهوءَ کان سخت نفرت ڪندو آهيان، اِن ڪري مان چوندو آهيان ته جي ظالم، قاتل، انسان دشمن، منافق ۽ بدتميز ماڻهن کي دنيا مان ڪڍي ڇڏيو ته دنيا جنت بڻجي ويندي. موڪلاڻي ڪونهي جيسن زندگي رهندي پيار ڪرڻ وارن سان گڏ رهبو.
اوھان جو پنھنجو
زاھد شيخ
ڪراچي سنڌ
0336-3500030
0304-2389924