زندگي پئي گُذري، زندگيءَ جي ڳولا ۾،
رات جو مُسافر مان روشنيءَ جي ڳولا ۾.
چاهُتن جي خوشبوءِ سان جا مِٽي هُجي واسيل،
منهنجو عشق آ هر پل اُن مِٽيءَ جي ڳولا ۾.
ڪاش ڪا ملي ڪنهن ۾ پيار جي شناسائي،
دل اڃان پئي ڀٽڪي، دل لڳيءَ جي ڳولا ۾.
جا لڳي مون کي هر دم عڪس منهنجي اندر جو،
روح ٿورُلي اهڙي ڪنهن پريءَ جي ڳولا ۾.
ٻي جنم ۾ شايد ڪا دوستي ملي زاهد،
هي جنم ويو گُذري دوستيءَ جي ڳولا ۾.