شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

مون کي ته ماٺ ۾ ماڻهو عجيب لڳندو آ،

مون کي ته ماٺ ۾ ماڻهو عجيب لڳندو آ،
جو گُم آ پاڻ ۾ سو بدنصيب لڳندو آ.

اندر ۾ ڪيتريون ساريون منافقيون ٿو رَکي،
ڏسڻ ۾ جيڪو بظاهر غريب لڳندو آ.

پرين اسان کان ڪڏهن تون پري نه ٿيندو ڪر،
ڪوئي ڪوئي ته اسان کي قريب لڳندو آ.

ملي نه ها ته مقدر سان جنگ هئي منهنجي،
هو صرف منهنجو آ منهنجو نصيب لڳندو آ.

اکين ۾ پيار کڻي جو به آ مليو زاهد،
اُهو اُداس اندر کي طبيب لڳندو آ.