هڪڙي مٺڙي روح جي راڻي منهنجي دل جي مجبوري آ،
نوريءَ جهڙي سونهن نماڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.
ڪا اَڻ ڌوتي پاتل پوتي اجرڪ اوڙهيل سچو موتي،
سهڻي سادي ڪا ڳوٺاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.
هي جنهن ٻاريون چاهت لاٽون جوڀن راتيون جاڳي ڪاٽيون،
سا منهنجي لئه آ ويڳاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.
گُذريو سارو جوڀن جنهن ۾ مُرڪيو مهڪيو تن من جنهن ۾،
اهڙي هڪڙي پريم ڪهاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.
هر جيون توساڻ جيئان مان تُنهنجن هٿڙن ساڻ پيئان مان،
پيار جو امرت سنڌ جو پاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.
آنءُ ته زاهد اُن جو آهيان جنهن ته مٽيءَ سان کيڏيو آهيان،
ڳوٺ اباڻو شاهه لڌاڻي منهنجي دل جي مجبوري آ.