مُنهنجا حال اچي جي ڏسنديئن ڏسندي رهجي وينديئن تون
مون کي آٿت ڏيندي ڏيندي روئندي رهجي وينديئن تون.
اندرُ آهي اُجڙيل اُجڙيل، جيءُ سڄو آ جهيريل جهيريل،
پَرکُ نه مُنهنجا ڏکڙا سائڻ ڏُکندي رهجي وينديئن تون.
ڪانگ اُڏاريئي قاصد پهتا پاڻ ڇو تنهنجا پير نه پهتا،
ائين لڳي ٿو مورنه ملنديئن پُڇندي رهجي وينديئن تون.
پرچڻ سان ئي پيار وڻي ٿو سمجهڻ سان سنسار وڻي ٿو،
هر هر ايڏا ڪر نه رساما رُسندي رهجي وينديئن تون.
عشق نه لڪڻو عشق نه رُڪڻو عشق هي جُهڪڻو ناهي زاهد،
لوڪ کان ڇا جي لاءِ لڪين ٿي لڪندي رهجي وينديئن تون.