پيدا اسان ٿياسين پٿرن جي ديس ۾،
دلبر مليو نه ڪوئي دردن جي ديس ۾.
لمحن لهو نچوڙيو هر پهر زهر آ،
جيئڻ عذاب ٿي ويو صدمن جي ديس ۾.
جي پيار جي ڪا ديوي ٿئي مهربان ها،
ڪي پل نصيب ٿين ها مُرڪن جي ديس ۾.
آ منهنجي زندگيءَ جي آتم ڪٿا اِها،
مُرڪن جي آرزو هُئي لُڙڪن جي ديس ۾.
دل پُر اُميد رهجانءِ مايوس ٿين متان
ڳوليان پيو مسيحا زخمن جي ديس ۾.
غيرن سان غير زاهد گڏجي پيا رهن،
پنهنجن کان ڏور پنهنجا پنهنجن جي ديس ۾.