لمحو لمحو گڏجي گهاريل ويهي جي ورجايو هوندءِ
تِرڪي تِرڪي تيز تبسم- لال لبن تي آيو هوندءِ.
تُنهنجي هٿ جي ٿَڦڪي ٿَڦڪي- پنهنجي دل تي پاتي هوندم،
آڌيءَ رات جو هوريان هوريان منهنجو در کڙڪايو هوندءِ.
دردن جي هن دنيا اندر، ڳڻتين ۽ مونجهارن آڏو،
مُنهنجا گيت غزل ڪي ڳائي- ماندو من وندرايو هوندءِ.
دوريءَ جي دوزخ مان نڪري- بهشت به تولئه بڻجي پوندس،
نينهن جي نٽهڻ اُس ۾ هر دم- مُنهنجو ٿڌڙو سايو هوندءِ.
پنهنجي يادن جي ورقن ۾- سارو جيون سانڍي رکجانءِ،
زاهد جو هر سجدو تو لئه- چاهت جو سرمايو هوندءِ.