شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

اداس شامون اُداس راتيون،

اداس شامون اُداس راتيون،
عذاب ڏين ٿيون اماس راتيون.

قدم قدم تي کڻي اچن ٿيون،
ستم ستم جو حراس راتيون.

اندر اندر ۾ ٿي آس تڙپي،
نگر نگر ۾ نِراس راتيون.

ڪڏهن ڪڏهن چاندني ته هئي پر،
اسان کي آيون نه راس راتيون.

اڃا اجايو جيئون ٿا زاهد،
ڪڏهن ته اينديون ڪي خاص راتيون.