قلم چنبڙي چوي ٿو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-
ڀلي قيدي ڪرئي ڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهدَ.
وطن پنهنجي ۾ آهيون پر- وطن پنهنجو رهيو ناهي،
وطن وڇڙي ويو ڇو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهدَ-
جيئڻ جي لاءِ جاڳائڻ- گهرئون ٿا سنڌ ساريءَ کي،
ڏئي هر در تي هوڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-
ڀريل آبي ضميريءَ سان- نسل ڀوتار ڀاڙيءَ جو
صدين کان ٿيو آ ٿوڪو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهد-
اندر جي لوڀ لالچ ۾- قلم ڪيڏا وڪامي وِيا،
سموريءَ سَگهه سان سو- سَچُ لکڻو ٿئي ته لک زاهِدَ.