پرديسي ڪونج توکي ڳوليان ڪٿي ڪٿي مان،
آئينءَ وئينءَ اُڏامي اکڙين جي آئيني مان.
ورلاپ يا ڪو واڪو پهچئي ته سمجهه پياري،
تاتي آتات تنهنجي جاڳان پيو جتي مان.
منهنجو آ ماڳ ڌرتي آڪاش تنهنجي دنيا،
مون کان مٿي مٿي تون توکان پري، پري مان.
جنهن ڏينهن توسان جوڀن جرڪي اچي جڙيون هو،
ڏاڙهونءَ جا گُل ڦُٽا ها تنهنجي، ڳٽي ڳٽي مان.
زاهد اُداس آهون اُن جون ڪرِن پُڇائون،
ٿڌڪار دل وتو هو، جنهن وڻ جي ڇانوري مان.