جنهن ڏينهن کان مان ڳوٺ پنهنجي کان وڇڙي ويو آهيان،
ايئن لڳي ٿو ساري جڳ مان نڪري ويو آهيان.
جيئڻ جي لئه ٽهڪ ڏيان ٿو ڪيڏا مان جاني،
اندر منهنجو کولي ڏس تون اُجڙي ويو آهيان.
ڪاٿي ڪاٿي پنهنجي من جا حصا مان ڳوليان،
ٽُڪرا ٽُڪرا بڻجي ڪيڏو وکري ويو آهيان.
ننڍڙي لاڪون جيون جي، لئه جنت ڳوليندي،
دوزخ جهڙن رستن تان مان گُذري ويو آهيان.
اوڏو پيار وتو مون زاهد روح جي رشتن کان،
جيڏو رَتُ جي رشتن کان مان وسري ويو آهيان.