سُر لئه مُرڪي پنهنجو سِرُ ڪٽائي ڪو
ڇا اَڄُ جڳ ۾ اهڙو راجا آهي ڪو.
سنڌ مليو اعزاز اِهو بس توکي آ،
دنيا ۾ ٻيو شاهه ڀٽائي ناهي ڪو.
درد منجها اَڄُ هن ڌرتيءَ جي دانهن سُڻي،
دودو بڻجي دنگل شال مچائي ڪو.
هيمونءَ جهڙن هيرن کي ٿي سِنڌُ سڏي،
شاهه بلاو جهڙو پاڻ ملهائي ڪو.
مرويسون پر سِنڌُ نه ڏيسون اوماري،
هيل به هوشوءَ جهڙي هوڏ هلائي ڪو.
جابر آڏو ڪَنڌُ جهُڪائيندو ڇا لئه،
شاهه عنايت کي جي سيني لائي ڪو.
موت ڪنڌيءَ تي زاهد اَڄُ بيٺا آهيون،
قوم سڄيءَ کي سَڏَ ڪري سَمجهائي ڪو.