شاعري

سپنا سورج ڪرڻا

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي غزلن جو مجموعو آھي. ادل سومرو لکي ٿو:
زاهد شيخ سنڌي ٻوليءَ جو نهايت ئي مقبول، رومانس ۽ مزاحمت جو شاعر آهي. سندس انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سُريلن آوازن وسيلي سڄي سنڌ ۾گُونجندي رهي آهي. زاهد پاڻ به سُريلو آهي. شاعري تخليق ڪري ٿو، شاعري ڳائي ٿو. ان ڪري سندس تخليق ۾ رواني آهي، سندس گيت پڙهي ۽ ٻڌي محسوس ڪجي ٿو ته ڄڻ ڳائي لکيا ويا هجن.“
  • 4.5/5.0
  • 2803
  • 698
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سپنا سورج ڪرڻا

جڏهن کان ٿيا جُدا آهيون رڳو تڙپيا لُڇيا آهيون.

جڏهن کان ٿيا جُدا آهيون رڳو تڙپيا لُڇيا آهيون.
اوهان کي ڪير سمجهائي اسان ڪيڏا ڏکيا آهيون.

اوهان کان پيار جو تحفو مليو آ سمنڊ لڙڪن جو،
اجايو ڪو نه ٿا روئون روئاريو ٿَوَ رنا آهيون.

سچا احساس ۽ جذبا بيابانن ۾ ٿا ڀٽڪن
اسان هڪڙيءَ حياتيءَ ۾ هزارن کان ڪُٺا آهيون.

مُنافق مان محبت جي ڀلا اُميد ڇو رکجي،
اندر اُجرا پيا ڳوليون اندر اُجرا رهيا آهيون.

اسان ڪنهن ظلم جي حاڪم اڳيان جهُڪڻا ناهيون زاهد،
اسان منصور جي پيرن جي مٽيءَ ۾ سُکيا آهيون.