دل ۾ ائين آ ديس جي مِٽيءَ جي خوشبو،
دينَ ۾ جيئن آ جنت واديءَ جي خوشبو
تيستائين جيءُ نه ٿيندو جهورُ پرين،
جيسين جيءَ ۾ آ تنهنجي جيءَ جي خوشبو.
پنهنجن ساهن مَنجهِه سَمائي آهي مون،
سِنڌُ جي هر ڪنهن واهڻ وَستيءَ جي خوشبو.
صَحرا مَنجهِه مُسافر کي جيئڻ جي لئه،
آٿت ڏيندي آهي پاڻيءَ جي خوشبو.
پيٽ بُکايل پورهيت جي ٻارن کان پُڇ،
ڪيڏي پياري آهي مانيءَ جي خوشبو.
سوچن جي بازار انوکي آ زاهد،
هر ڪنهن وٽ آ پنهنجي مرضيءَ جي خوشبو.