ٿر-ياترا
ڀٽن وچان واٽ، سانجهيءَ جو هئي سُرمئي.
***
بيهي ”گڍيءَ“ جي مٿان، ڏٺم مِٺيءَ کي.
گهٽيءَ، گهٽيءَ کي، ونگ هئا وارن جيان.
***
”مٺيءَ“ جي ماحول ۾، سليٽي سنتوش،
اَڻ پيتيءَ ۾ هوش، خُماريل هو خواب جيئن.
***
”مٺيءَ“ جي اُڀ تي هئي، چادر ڪڪرن جي،
هوائن ۾ هئي سُڳنڌ، سازن، سُرن جي،
ڪيڏي چهرن جي، رنگيني هئي رات جو.
***
جيون مون، محسوس ٿيو، ٿر جي سفر ۾،
ڀٽون، چونئرا، مالوند، اکڙيون ڪڪر ۾،
ٿڪ صدين جا مون ڏٺا، ٿوهر، ٿوهر ۾،
هر هڪ منظر ۾، اُڃ ليئاڪا پئي هنيا.
***
جُهڙ ڦُڙ مينگهه ملهار هئي، موسم ”مِٺيءَ“ جي،
گهٽيءَ، گهٽيءَ جي، گهٽا گهنگهوري هئي.
***
”ننگر“ جي آغوش ۾، رات حَسين گُذري،
ڪارونجهر جي ڪور تان، آيو سج اُڀري،
جهُڙ ۾ پئي نکري، باک ڀليري ڀونءِ تي.
***
ڪارونجهر* جي ٻَک ۾، جهُڙالي هئي شام،
الهامي آرام، فضا تي ڇانيل هُيو.