شام جهُڙاليءَ ۾ هُئا، مورن ٽهوُڪا،
رَڙِ سندن هر ڪا، رهڙيو پئي ڄڻ روح کي.
***
ننگر جي بازار، پاڇا سانجهيءَ جا مَٿس،
جهڙا سڀ سنسار، سهڙيا سندس ڏيک ۾.
***
ننگر جون سَنهڙيون گهٽيون، پرينءَ ٻانُهن جيئان،
هر هڪ روپ منجهان، پنهنجائپ پاتا ليئا.
***
ڪارونجهر جو سُرمئي، ڏيک نِرالو هو،
ڇا ته حوالو هو، ننگر! تنهنجي سونهن جو.
***
ٿر جو سُهانو سفر، مڌ ماتو ڄڻ خواب،
پهريون ڀيرو ديد کي، آيو ايئن نظر،
چؤڏس واريءَ بحر، لهرون، لهرون هو رڳو.
***
عجب ڪي شهڪار ها، ”جينين“ جا مندر،
ظاهر ۾ کنڊر، اندر ۾ اتهاس ڪئي.
***
ڏسندي ئي حيرت، ويڙهيو ٿي وئي روح کي،
روحاني راحت، هر هڪ منظر ۾ هئي.
***
ٿر جي ٿوهر آبرو، جهڙو ازلي خواب.
جنهن جي جاڳ ۾ آب، بوند به ناهي ڀاڳ ۾.
***
ڀٽون اُڃايل، ازل کان آهن الا،
ڄڻ هرڻيون گهايل، سج هيٺان سَهڪن پيون.
***
ڏکڻ ٿڌڙي واءُ ۾، جهُڙ ڦُڙ رنگ رَتا،
ڪيڏا کيپ مَتا، ”روحل“!* تنهنجي رات ۾.
***
مارويءَ جو کوهه، چؤڏس راڙا رُڃ جا،
”ڀالوا“* جو روح، ڀٽن ۾ ڀٽڪي پيو.
***
مندر مٿان مور، ڪيڏو سُندر ”ڪاسبو“،*
پريان آئي پئي نظر، ڪارونجهر جي ڪور،
ڊيل خُماريل ٽور، اکين ۾ وئي اوتجي.
***
مورن جا سڀ رنگ، دل ته چيو چورائجن،
خواب نُما هو ”ڪاسبو“ جُهڙ ڦُڙ ۾ سارنگ،
ڊيلن جا ڀي ڍنگ، ڪَوِتا جهڙا پئي لڳا.
روحل واءِ، جُمن دربدر ۽ حليم باغي جو ڳوٺ
*ڀالوا، ٿرجو هڪ ڳوٺ، جت مارئي جو تاريخي کوهه آهي
*ڪاسبو، ٿُر جو ٻاروهي وسندڙ / سائو ڳوٺڙو