قلم برداشته : مهاڳ
ملوڪ ملوڪ مُهانڊا، سانورو بانورو... ترو تازه سارُوپا ۽ ڪيئي سال اڳ پهرين نگاهه ۾، هي اياز گــل، صفا هڪڙو الهڙ الهڙ ڇوڪرو لڳو هو مون کي: ۽ بلڪل معشوق معشوق !
۽ هن سان گڏ، ساٿ ۾ شاعري ڪندي ڪندي پوءِ نهايت جلد ئي مون اهو به ڄاڻي ورتو، ته اياز گــل کان، ڄمار ۾ برابر ته ڪئي ورهيه آئون وڏو آهيان، پر تخيل جي اُڏام جي ڏس ۾ هُن جي پرواز مون کان بلڪل اُتانهين آهي، گهڻو مٿانهين.
تڏهن اصولن، اهڙي صورت حال ۾، مون کي هُن سان حسد ٿيڻ گهرجي ها ۽ شايد ٿيو به، پر پوءِ هڪڙي ڏينهن، امام بارگاهه، ’آستانه قُدس‘ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ بيهاري مون پاڻ کي سمجهايو هو، چريا شاعر!! حسد نه ڪر... پنهنجي منفرد اسلوب ٺاهڻ لاءِ محنت ڪر: محنت !
ڏِس، تنهنجي جدِ امجد بزرگوارَ، قليچ بيگ به ائين ئي ته فرمايو آهي:
محنت ڪر تون محنت يار !
محنت سان ٿيندي هوشيار
۽ ادب ۾ منهنجي محنت مون کي ڪهڙي ماڳ تي پُهچايو ؟ شايد اوندهه ۽ اوجهڙ ۾ !
خير... ۽ هتي مون کي هي اعتراف ڪرڻ ڏيو ته 74-1973ع کان اسان جي جنهن ٽهيءَ... شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو هو، اُنهن مِڙني مان هي اياز گــل ئي اهو اڪيلو شاعر نڪتو، جنهن کي جديد سنڌي غزل جي صنف ۾ Mile-Stone شاعر جو رُتبو حاصل ٿيو. ۽ علاوه ازين هتي اِهو به اعتراف ڪندو هلان، ته اياز گــل ئي همعصرن هڪ جيڏن منجهان... اهو شاعر (هو ۽) آهي، جنهن کي آئون پنهنجو فيوريٽ ترين شاعر به سمجهان ٿو ۽ مون کي ياد ناهي، ته مون هُن جو ڪو غزل ڪٿي پڙهيو هجي، ڪنهن راڳيءَ کان، يا خود کانئس زباني ڪڏهن ٻُڌو هجي ۽ اهو مون کي نه وڻيو هجي !. ’نه‘- ايئن ڪڏهن ٿيوئي ڪونهي مون کي ياد آهي، 1973ع، جڏهن کان مون هن جو غزل پڙهڻ شروع ڪيو هو، هُن جي پهرين غزل ئي منهنجي دل ۾ گهر ٺاهي ورتو هو، ۽ ان کان پوءِ ته اياز گــل جي صرف غزل صنف ئي ڇا، هُن جي پياري شخصيت به منهنجي روح ۾ جاءِ جوڙي ورتي هئي. چوندا آهن ! سُٺو شعر هجي يا سٺو دوست، اُن سان جيڪڏهن ٻيهر مُکا ميلو ٿئي، ته اُهو پهرين کان به وڌيڪ وڻي. اياز گــل ۽ سندس غزل سان وري وري ملندي، منهنجي به، هر دفعي ڪيفيت اهڙي ئي هوندي آهي: دلبهار ۽ خوشگوار !
پر بيهو... هتي مون کي هڪڙو ٻيو به عرض ڪرڻو آهي. Sorry عرض نه، معذرت، اياز گــل کان معذرت ! اصل ۾ اياز جو اصرار آهي ته آئون هن کي تڙتڪڙ ۾ هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي ڏيان ۽ مون سان اڄڪلهه اذيت هي آهي ته، حيدرآباد مانHomeless ٿي ڪراچي ٽرانسفر ٿي وڃڻ سبب، آئون اِن پوزيشن ۾ ئي ناهيان ته
يڪ مَنو ٿي ڪجهه لکي سگهان، جو گهر هڪ پاسي... ننڍڙا ٻار ٻئي پاسي، ۽ مٿان وري ڪراچيءَ جي ”نان ـ سنڌين“ سان گڏجي ريڊيو ۾ ڪم ڪندي... مسلسل ذهني اذيتون ٽئين پاسي، ۽ عجب بدقسمتي هيءَ به، ته نه مطالعي لاءِ ڪي ڪتاب مون کي ويجها آهن، نه دوست، ۽ نه مهاڳ لکڻ لاءِ ڪي آئيڊيل حالتون ئي ميسر! ظاهر آهي اهڙي صورت حال ۾، قلم برداشته جيڪو ڪجهه به لکندو ويندس، اُهو بي ترتيب ئي هوندو ۽ علاوه ازين بي ربط پڻ.
۽ ڀلا غزل هي، سنڌيءَ ۾ آيو ڪهڙي ٻوليءَ مان آهي ۽ هِن وقت پوزيشن ڪهڙي وٺيو بيٺو آهي، ته اِهو بحث آئون سمجهان ٿو ته هاڻي اجايو ئي آهي. جو قليچ، سانگيءَ ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، شيام، تنوير، ذوالفقار، امداد، وفا، تاج بلوچ ۽ اياز گــل جهڙن شاعرن، اڄ جنهن منصب تي هِن صنف کي آڻي بيهاريو آهي ته چئي سگهجي ٿو ته بيتَ، ۽ وائي وانگر، هي غزل جي صنف به هاڻي انهن شاعرن جي طفيل، جهڙوڪر نِج پج اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي ئي صنف، بڻجي چڪي آهي.
ها! هڪڙي عجب جهڙي ٽرئجڊي، سا ضرور لاحق آهي هن صنف سان ! ۽ اُها به تقريبن هرئي ٻوليءَ ۾ هِن صنف جي شاعرن سان آهي ئي آهي ۽ اُها هيءَ ته، غزلَ جو ڪو شاعر کڻي، وڏو ڪيڏو به ڇو نه هجي. اُن شاعرَ جي غزل جو هر هڪ شعر قطعي وڏو ناهي هوندو ــ ته ڇا اياز گــل جي غزلن سان به ڪا اهڙي صورت حال لاڳو آهي ؟
ڀانئيان ٿو ته، بنهه گهٽ گهٽ، ۽ حيرت جهڙي حقيقت هيءَ به ته،
اياز گــل... سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل جو اهڙو انوکو شاعر ٿي ظاهر ٿيو آهي، جنهن جي هر غزل جو، گهڻو ڪري ته هر هڪ شعرُ، ڄڻ منتخب شعر پيو لڳندو آهي ’عالم ۾ انتخاب‘ !
منهنجي انهيءَ دعويٰ جي موٽَ ۾ اِجهو اياز جي غزلن مان، هي محض هڪڙو ئي غزل هتي آئون مثال طور، ڏيان پيو ۽ جنهن مان ڄاڻي وٺو ته هِن جا ٻيا غزل به ائين ئي آهن. سڄي جا سڄا منتخب شعرن سان ٽِمٽار.. بلڪل ئي هِن غزل وانگر:
سڄو ڏهاڙو ئي پيارا ! بَڻي بَڻي ٿَڪبين
تون پنهنجو پاڻَ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين
ڪو هڪڙو ٻيرُ به ڇڻندو، نه پيارَ جو هِن مان
عجيب ٻيرِ آ، پٿرَ هَڻي هَڻي ٿَڪبين
نه هن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبار ڪڏهن
قسمَ، قُرآن ۽ ساکُون، کَڻي کَڻي ٿَڪبين
صبرَ سان گهاوَ سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو ؟
گهڙي گهڙي آهي نيزي - اَڻي، اَڻي ٿَڪبين؟!
صدين جي پياس کڻي ٿَرَ جيان رهيو آهين
هي زندگي ته اڃا ڀي، ڪَڻي ڪَڻي ٿَڪبين
وري وري توکي ڦُٽڻو آ، گُل آهين تون
نٿو مان سمجهان ته سُهڻا ! ڇَڻي ڇَڻي ٿَڪبين
۽ اياز گــل ايڏو سُٺو شاعر ڇو آهي ۽ ايڏو منفرد ڪيئن آهي هو ؟ ۽ ان کي پڙهڻ سان حسد بدران خوشي ڇوٿي ٿئي. ۽ اهي سوال ڪيئي سال اڳ، جڏهن مون ۽ طارق عالم لکڻ شروع ڪيو هو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار وٽ هڪ ٻئي کان اسان پُڇيا هئا. ۽ پوءِ ٻيئي انهيءَ راءِ جا ٿيا هئا سين ته، ڳُوڙهي سوچَ ۽ جديد کان جديد تر خيالَ کي پڪ سان ته simplicity سان پيش ڪرڻ جي هُنر اچي وڃڻ سبب ئي، هُن جي غزل ۾ اهڙي ڪشش پيدا ٿي پئي آهي.
۽ جيڪڏهن ڀُلجان نٿو، ته اهو 75- 1974ع وارو زمانو هو. اياز گــل سان اَڻ ڏٺي ئي... هُن جي شاعريءَ آڌار منهنجي دوستي ٿي وئي هئي، ساڻس قلمي دوستي ! ۽ آئون جي Teenager هوس ان وقت، ته هو وري مون کان وڌيڪ Teenager هو. انهيءَ وقت سکر اچڻ جي هُن دعوت ڏني، ته ڪُلهي تي بئگ رکي وڃي ڀُٽا روڊ پهتو هوس. پوءِ اسان ادل سومري جي ساٿَ ۾ اُتان جو سير ڪيو، لاڙڪاڻي ويا سين، جتي اُتان جي وڏي شاهي اسٽيڊيم جي ڏاڪڻين تي ويهي هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي، فوٽو ڪڍراياسين ۽ اُتان جدا ٿيڻ کانپوءِ اسان ٻنهي پاڻ کي شاعريءَ جي درياهه ۾ لاهي ڇڏيو هو. ظاهر آهي شاعري هُو به ڪندو رهيو، شاعري مون کان به ٿيندي رهي، ۽ اڄ جڏهن اياز گــل ۽ پنهنجي شاعري ۽ اياز گــل ۽ پنهنجي ٽِين ـ ايج ۾ گڏ نڪتل ان تصوير کي ڏِسان ويٺو، ته اياز مون کي پاڻ کان ڪيڏو نه وڏو شاعر پيو نظر اچي ۽ آئون پاڻ کي هُن جي آڏو، اُن وقت فوٽؤَ ۾ پنهنجي آڱر ۾ پاتلَ فيروزي جي مُنڊيءَ وانگر، ڪيڏو نه پِتڪڙو پِتڪڙو پيو ڀانئيان، بلڪل پنهنجي ئي هن شعر مثال:
ڪهڙي منهنجي سوچَ، ڪهڙي منهنجي شاعري
ٽُڪرا ٽُڪرا چنڊُ، پُرزا پُرزا آرسي !
هر سُٺي ۽ وڏي شاعرَ وانگر اياز گــل ۾ به، هڪڙو حيرتَ جهڙو گُڻ نظر ايندو آهي مون کي. ڪنهن شاعر چيو هو... شايد نِدا فاضليءَ چيو هو... ته: ”دردَ جي اظهار جا ٻه طريقا آهن... اهو يا ته اکين مان ڳڙي يا مُرڪ جي رُوپ ۾ ظاهر ٿئي“- عجب اتفاق
اياز گــل کي پڙهان ٿو، ته هو مون کي انهن ٻنهي expressions جو ڪاميابيءَ سان اظهار ڪندي نظر اچي ٿو، ان ڏس ۾ هتي اياز جي جنهن غزلَ جو آئون مثال ڏيندس، ان بابت پنهنجي هڪ ٻن ذاتي دُکن ۽ نِجي experiences کي به هتي آئون ضرور بيان ڪندو هلندس، پر پهرين ’ڏُک ۽ مُرڪ‘ کي هڪ ئي غزل ۾، ڪاميابيءَ سان سمائي ڏيکاريندڙ اياز گــل جي، هڪڙي غزل جا هي ٻه شعر ڏسو:
ڳالهيون ڄڻ مهڪارون آهن
تُنهنجا ٽَهڪَ بهارون آهن
هُوءَ به اُن جي ئي ٿي ويندي
جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن
سُٺو ڪتاب، سچو سُر ۽ پُراثر شعر، ڇا دنيا يا ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪائي هلچل پيدا ڪري سگهي ٿو! بدلائي سگهي ٿو ان کي ؟ ـ نٿو ڄاڻان آئون ـ ها ! ايترو ضرور چئي سگهان ٿو ته، ٻن موقعن تي، اياز گــل جا ٻه شعر جڏهن مون کي ياد آيا هئا ته قسم مؤلا جو، ياد اچڻ تي لوڏي ئي ته ڇڏيو هو اُنهن مون کي.
شايد 1980ع وارو سال هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جي دروازي وٽ ’هُوءَ‘ منهنجو ڪجهه ورهين جو ساٿُ ڇڏي، ڪنهن ڪار ــ ڌڻيءَ سان چڙهي مون کي اڪيلو ڪري هلي ويئي هئي، ۽ بلڪل فلمي انداز ۾، اياز گــل جو هي شعرُ اکين ۾ آلاڻِ سميت منهنجي چَپن تي چڙهي آيو هو:
هُوءَ به اُن جي ئي ٿي ويندي
جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن
۽ ٻي اهڙي دُکدائڪ واردات جو سَن، غالبن هوندو 94-1993ع، چاندني شاپنگ مال حيدرآباد جي، مهانگن رانديڪن سان ڀريل شوڪيسن آڏو دُردانه ۽ آئون لنگهياسين پئي. جو ڪنهن نهايت ڪاسٽلي رانديڪي وٺي ڏيڻ لاءِ، منهنجي ڌيءَ رِدا ضد ڪيو ۽ نه وٺي ڏيڻ جي صورت ۾ زارو قطار روئڻ شروع ڪري ڏنو هو... ظاهر آهي ’رِدا‘ منهنجو پهريون ٻار هئي، ۽ شايد زندگي ۾ هُن مون سان اهو پهريون ئي انگل ڪيو هو، جنهن کي ان وقت پُورو ڪرڻ جي آئون پوزيشن ۾ ئي ڪونه هوس، بعد ۾ ان واردات جي پس منظرَ ۾
اياز گــل جي شعر: ”ٻارن کي ڇاهي، ڀوڳيون يارَ اسان ٿا“... تي جڏهن نظر پئي هئم، ته يقين ڄاڻو ’رِدا‘ ڌيءَ جي اُن ڏينهن انگل نه پوري ڪري سگهڻ واري لاچاريءَ کي ياد ڪري،... دير دير تائين آئون تنهائيءَ ۾ روئيندو رهيو هوس.
علاوه ازين اياز گــل جا ڪيئي اهڙا ٻيا شعر به مون پڙهيا آهن، جيڪي بظاهر ته غاليچن تي اُڪريل گُلن وانگر سُهڻا سهڻا ۽ دل لُڀائيندڙ پيا لڳندا آهن پر انهن جي گهراين ۾ لهبو آهي ته اُهي ڄڻ، غاليچن تي ٿَرَ جي غريب، مسڪين ۽ لاچار ٿري ٻارن جي اُڻيل دُکن جي داستان جهڙا سُور پيا بيان ڪندي نظر ايندا آهن، هتي اياز گــل جي ڪجهه اهڙن دُکي ڪري ڇڏيندڙ، دُکدائڪ شعرن مان هي ڪي شعرَ ڏسو:
ڪا قيامت مٿان ٿي گُذري، تڏهن
ڪير ايئن ٿو ڇڏي وطن پنهنجا !؟
-
بارشُن جي موسمن ۾ سوچجانءِ
ڪيئن وِڇوڙا ٿا ڪَپِن تلوار جيان !
-
ٻارَ ڇا ڄاڻِن، جيون ڪهڙي ويڌن آ،
جنهن جي پويان، اَمان، بابا ڊوڙن ٿا
-
هڪڙو ننڍڙو دردُ ٿو ڇيهُون ڪري
ويڪري ڇاتِي به آخر ڇا ڪندي !؟
-
مُفلسي ته رهندي ئي
پوءِ وڌيلَ پگهارُن تي
سوچڻو ئي ڪهڙو آ؟
اياز گــل جي، هِن مجموعي وارن غزلن کي پڙهندي ٿوري دير لاءِ مون سوچيو... ته ٿورو ڏِسان ته سهي، هُو ازم ڪهڙي جو شاعر آهي ۽ شاعريءَ ڏانهن نطريو ڪهڙو آهي هُن جو ؟ ۽ شاعري ذريعي صوفين وانگر پنهنجي، آسان ۽ communicative لهجي ۾ هو آکڻ ڇا ٿو چاهي؟ يا ايئن چوان ته شاعريءَ ۾ هُن جو مافي الضمير ڇا آهي ؟... يا شاعري ڪري هو چوڻ ڇا ٿو چاهي، ته ان جو جواب... خود اياز جي هِنن شعرن مان مون کي اِجهو هِن ريت مليو آهي:
هي ديس ُ، عشقُ، شاعري
جيئڻَ مرڻَ جي ڳالهه آ !
-
جيڪي سچُ آهه، سو ته چونداسي
تُنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر
-
چَپَ مُنهنجا، هي لفظَ، شعرَ سڀئي
سنڌُ ! تولئه سُڪار چاهن ٿا
بي شڪ ته اياز، ديسَ، عشقَ ۽ سچَ جو ساکي شاعرُ آهي ۽ واقعي
ڏات ـ ڌڻي... جي ڪنهن شاعرَ کي، شاعريءَ جي ڏاتِ سان نوازي ٿو ته، هُن کي هرحالت ۾ بحيثيت انسان ـ دوست شاعرَ جي، اهڙو ئي ڪجهه لکڻ ۽ سوچڻ گهرجي،جيئن ايازَ پنهنجي شعري موقف کي انهن مٿئين شعرن ۾ اُپٽاريو آهي.
اسان جي سنڌُ سان اڄُ، سنڌ جي سياست ڪارن ۽ دانشورن جيڪا حالت ڪئي آهي، ۽ سنڌ ـ ڪاز کان مُنهن ڦيري، جنهن ريت اُهي اَپرچيونسٽ ٿي چُڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، تڏهن اياز گــل باخبر شاعرَ جي حيثيت ۾ اُنهن جي پَتِ، پنهنجي شعرن ۾ اِجهو هن ريت وائکي ڪئي آهي :
هر ڪو عُهدن جي پناهُن ۾ لِڪل
ڪو نٿو ڳولهيو لڀي ميدانَ ۾
اهڙو ڪهڙو ڏوههُ آ، سنڌي هُجڻ
سنڌُ ٿي ڏِيڻي پوي تاوان ۾
-
سچَ ۽ سونهن تي به سوچ ِ ڪڏهن
پنهنجو مرڪز رُڳو، نه ماني ڪر
-
مسيحا ! سنڌُ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳول
رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطابَ نه ڪر
فني سطحَ تي اياز گــل جو غزل ڪٿي بيٺو آهي، اهو منهنجي نظر ۾ ...؟ جئين مون مٿي لِکيو آهي ته، اُهو ڪنهن ’صوفيءَ‘ جي لهجي وانگر Communicative آهي. ٻه هزار ورهيه اڳ گوتم ٻُڌ چيو هو: ’’ڪا هڪڙي سِٽَ، ڪو هڪڙو لفظ ٻُڌي، ماڻهو جيڪڏهن يڪدم چُپ ٿي وڃي، يا سوچ ۾ ٻُڏي وڃي ۽ ان جي مفهوم جي گِهرائي ۾ لهي وڃي، ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿي پوي... ته پوءِ سمجهو اُهو لفظُ، اُهاسِٽَ، انهن هزار لفظن ۽ سوين سِٽُن کان بهتر آهي، جنهن مان ڪائي معنيٰ، يا ڪوئي به مفهوم ناهي نِڪرندو.‘‘
غزل يا ٻئي سڄي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو لهجو ڪيئن هُجڻ گُهرجي ؟ اياز گــل وٽ بحيثيت شاعر جي ان حوالي سان به هڪ راءِ، هڪ موقف ۽ هڪڙو نظريو آهي. ڪهڙو ؟
اجهوهيءُ:
عجيب خيالَ، ڳرا لفظَ، ڇِپَ معنائون
شعرَ کي شعرُ رهڻ ڏي ڪوي ! نِصاب نه ڪر
ڪيئي ورهيه اڳ اياز گــل جڏهن غزل لکڻ شروع ڪيو هو ته، چيو پئي ويو، ته هو تنوير عباسي صاحب جي اسلوب کان inspired آهي ـ سُٺي ڳالهه، ابتدا ۾ هر ڪو نؤآموز شاعرُ سڀاويڪ ته ڪنهن نه ڪنهن پيشرو کان inspire هوندو ئي آهي. ۽ ظاهر آهي اياز گــل به شروع ۾ تنويرَ مان اثر ورتو هوندو، پر: گُڊلڪ ! نهايت جلد تنوير عباسيءَ ، اياز گــل جي غالبن پهرين ئي شعري مجموعي جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو ته: ”ايازگل پنهنجي انفرادي اُڏام شروع ڪري چُڪو آهي، ۽ پنهنجي شعري ضرب خاني منجهان نوان
’لفظ ـ سِڪا‘، استعارا ۽ تشبيهون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن“.
ظاهر آهي ته، تنوير صاحب اِهو دُرست ئي لکيو هو، جو خاص ڪري غزلَ جي صنف ۾ شيخ اياز صاحب کان پوءِ وفا ناٿن شاهيءَ تائين، جيئن اياز گــل جي پيشرو شاعرن هي صنف لکي پئي، اياز گــل اُن ۾ يڪ سِر پنهنجي حصي جي نواڻ ڏيڻ شروع ڪري ڏني هئي ـ ان لاءِ هتي جيڪر ائين چوان، ته اُن جي vision کي جيئن اياز گــل vast پئي ڪيو، هُن جي ٻئي ڪنهن به همعصر ايئن ڪري نه پئي ڏيکاريو.
آئون ڀانئيان ته اسان مان، گهڻن همعصرن جي ڀيٽَ ۾، ائين ڪرڻ ۾ هُو ان ڪري به ڪامياب ٿيو، جو هُن پاڻ کي ان صنف لاءِ ئي مخصوص ڪيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون وانگر، گهڻَ ـ ڪاريو نه ٿيو، ۽ شعري صنفن مان غزل سان وفاداري دائم قائم رکي، هُن ان ئي صنف ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو ڄڻ اڳي ئي پڪو پُختو ارادو ڪري ڇڏيو هو. گهٽ ۾ گهٽ سندس هيٺين غزلن مان ته هُن جي اهڙي ئي ارادي جي خبر ملي پئي:
گُلَ سوچيو کيس ڪرڻو آهي ڪجهه
۽ ائين هُٻڪارَ سان ٻَکجِي ويو
-
اڳتي اڳتي يارَ ڏِسڻ ئي بهتر آ
هُن سوچيو، هُن پار وڃڻ ئي بهتر آ
واههَ ـ ڪناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو
بيهڻ کان سؤ وار، وَهڻ ئي بهتر آ !
ظاهر آهي اياز گــل جهڙي زنده... ۽ متحرڪ شاعر کي، جديدکان جديد تَر ٿيندڙ دنيا سان گڏُ تيز رفتاريءَ سان پنهنجي غزل جي اسلوب ۾ به هر وقت سجاڳ رهڻو هو ۽ جي نه رهي ها ته، سندس غزل سڀاويڪ هڪ ئي هنڌ بيهي رهي ها، ۽ جنهن کي هُن هڪ هنڌ بيهڻ نه ڏنو.
بحيثيت شاعرَ ۽ خاص ڪري غزل ـ شاعر جي حوالي سان، غزل جي صنف کي مليل نواڻ ارپڻ جي خوبيءَ باعث، اڄ اياز گــل ۽ سندس غزلَ مان آئون گهڻو خوش به آهيان، جو هُن هر دؤر ۾، پنهنجي غزلَ ۾ پاڻ کي رپيٽ ڪرڻ بدران ’اَپ ڊيٽ‘ ئي پئي ڪيو آهي، اِجهو ان جو اطلاع هِن مجموعي ۾ اياز اسان کي هِن ريت ڏنو آهي:
نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻَ تي دل چاهي
پاڻيءَ تي ٿي پير، ڌَرڻَ تي دل چاهي
غزل صنف ۾، ڏِٺو وڃي ته تجربي ڪَرڻ جي رِسڪ کڻڻ تِهائين ضروري آهي، پر تجربو ڪهڙي سطح تي !؟ فارميٽ يا content ۾ !...، ظاهر آهي ته content ۾ ! ۽ اهو ان ڪري جو غزل جي ٻِن ٻِن هم وزن مصراعن ۾ هيئت جي تبديليءَ جي گنجائش ته آهي ئي ڪانه ! ۽ غزل جي ان مقرر فارم ۾ ڪا تبديلي ڪبي ته، اُها ڪا ٻي صنفَ بيشڪ ته بڻجي پوندي، پر غزل بلڪل نه، ها ! فارم جي سطح تي دوهو ئي اهڙي شعري صنف آهي، جيڪو غزل وانگر ’ٻه - سِٽو‘ ٿيندو آهي. علاوه ازين غزل وانگر، دوهي جي ٻِن سِٽُن ۾ به خَيال جي، ايئن ئي unity ٿيندي آهي، جئين غزلَ جي شعرَ ۾، ۽ جي اتفاق سان دوهي وانگر، دوها اسٽائيل ۾ لکيل غزلَ جو شعرُ به دلفريب ۽ وڻندڙ آهي، ته جهٽَ ۾ ياد به ٿي ويندو آهي. آئون ڀانيان ته، اياز گــل انهن چند ڀاڳ َ ـ وَند شاعرن مان هڪ آهي، جنهن ’دوها‘ هيئت ۾ به غزل لکڻ جو تجربو ڪيو آهي. سندس هن مجموعي ۾، اهڙا جيڪي هُن جا تجربا آهن، ڪيڏا نه دوآتشه پيا محسوس ٿين. جن کي چاهيو، ته دوها سمجهي غزل جيان پڙهو، يا غزل جي هيئت ۾... دوها ڄاڻي انهن مان لُطف وٺو:
ٿوريءَ دير ۾ ڏِسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي !
مُنهنجيءَ ذاتِ جو هڪڙو حِصو، ڌارَ هي ريلَ ڪندي
ميگههَ ملهار ٿيڻ ڏيو ٿَرَ تي، ان کي پوءِ ڏِسبو !
ڇا ڇا مورُ ڪندو مستيءَ ۾، ۽ ڇا ڊيلَ ڪندي
-
توکي گُذري توڙي ٿيا هِن، لڳ ڀڳ ٻه سؤ سالَ سچل !
اڄ به پنهنجي حالتَ ساڳي، ساڳيا پنهنجا حالَ سچل !
ساڳيون روز مَرڻَ جون خبرون، ڪارنهِن، بَدلا، ويڙهه، بُکون
نئين صديءَ ۾ ايئن جي وياسي، ڪهڙا يارَ ڪمال سچل !
دوهي هيئت ۾، تجربي ڪرڻ کان سواءِ ايازَ، گيت ــ نما غزل به لکيا آهن، ۽ اُنهن غزلن جو مطلع ڏسو... ته جهڙا ڪِن ڪامياب ۽ خوبصورت گيتن جا مَن موهيندڙ مُکڙا:
مُنهنجو نالو ئي سَکي ! وِسري ويئي
گُــلَ ڪتابن ۾ رکي، وِسري ويئي
-
راتِ موٽي ته، کڻي آئي انڌيرا دِل ۾
ڏي ڪي يادون ته، ٿين يارَ ! سويرا دِل ۾
-
الائي ڇا ڇا وِڃائي وِساري پُهتاسي
اوهان جي دَرَ تي ائين، عُمر ڳاري پهتاسي
-
توکان وِڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي ؟
دَربدر پنهنجا رُڳو سپنا ڪندي !
-
ذهنَ تي اڄ به ائين نانءُ ڪو تَري ٿو پيو
ڊَٺل مزارَ تي، ڄڻ ديپُ ڪو ٻَري ٿو پيو
ته مون چيو پئي ته، غزلُ... شاعريءَ جو اهڙو پئٽرن آهي، جنهن ۾ هيئت (فريم) جي ڏس ۾ ته تجربي جي گنجائش آهي ئي ڪانه، ها ! اُن جي رائج structure اندر رهندي ئي، شاعرَ کي پنهنجو شاعراڻو ڪمال ڏيکارڻو پوندو آهي. ظاهر آهي، هڪ سُجاڳ شاعرَ طور اياز گــل بجا طور تي اِهڙو ڪمال ڪري به ڏيکاريو آهي، ۽ غزل جي رائج هيئت ۾ رهندي ان جي content ۾ ڪڏهن نظمَ، ڪڏهن گيتَ، ته ڪڏهن دوهي اسٽائيل جو مواد ڏيئي، ان ۾ ويرائٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـ هتي اياز جي انهن تجربن کي بلڪل آئون ائين پيو ڏِسان، جيئن غزل جا وڏا راڳي، غزل گائيڪي ۾ نواڻ ۽ جدت آڻڻ لاءِ ڪڏهن ان کي خالص غزل ــ انداز ۾، ته ڪڏهن وري ان کي ’گيت ـ انداز‘ يا ٺُمري اسٽائيل ۾ ڳائي، اُن جي گائيڪي ۾ ويرائٽي ۽ انفراديت پيدا ڪري دادُ ماڻيندا آهن.
علاوه ازين اياز گــل جي غزلَ بابت مون تعجب منجهان اِهو به اڪثر پئي سوچيو آهي ته، سنڌيءَ ۾ غزل جا هونئن ته ٻيا به سوين شاعر آهن، پر پڙهندڙن ۾ الائجي ته ڇو ! un-notice ۽ انهن پيارن جا غزلن مٿان غزلَ پڙهندا وڃو، ته منجهائن هڪ اَڌ کي ڇڏي ڪنهن به شاعرَ جي هڪ سِٽَ، حافظي ۾ محفوظ رهندي ئي ڪانهي ڪڏهن ! - ۽ اُنهن جي مقابلي ۾ هيڏانهن اياز گــل جو غزل پڙهبو آهي ته يڪدم ئي، اُن جي ڪانه ڪا سِٽَ، ڪو نه ڪو شعرُ ياد ئي ته ٿي ويندو آهي.
۽ اهو ڀلا ڇو !؟
آئون ڀانئيان ته ان جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي، اياز گــل جي غزلَ جو دلفريب اسلوب، ننڍن بحرن جي چونڊَ، خيال جي دلاويزيت، لفظن کي سٽاءَ ۾ پيش ڪرڻ جو سليقو، وقت ۽ حالتن سان Relevantاستعارن ۽ تشبيهن جي دُرست ۽ چُست ادائگي ۽ هتي پوري پڪ سان ٿو چوان، ته شيخ اياز ۽ وفا ناٿن شاهيءَ کان پوءِ، هي مُنهنجو دوست اياز گــل ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي غزلن جا ڪئي هر واسي شعرَ، انهن مٿئين خوبين باعث، آئون هتي ڪنهن ڊائري يا ڪتاب مان نه، پنهنجي حافظي مان پيو مثال طور پيش ڪريان: ”دک جي نه پُڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ “، ”هُوءَ به ان جي ئي ٿي ويندي، جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن“، ”هڪ بُرو بس اسانجو گهر آهي، تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي“، ”ڇوڪري ته ناهي هوءَ، شاهه جو رسالو آ“، ”چورَ آهن اُٿيا وري تَرَجا، بند رکجئو سڀيئي دَرَ گهر جا“، ”روزُ ملندا رهون ته بهتر آ، فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا“، ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي، ڪنهن وِڇوڙي جي سال ڪم ايندئي“... وغيره.
نه ٿو ڀانئيان ته، ايترا ۽ اهڙا روان دوان ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ محاوري طور استعمال ٿيندڙ، ههڙا مقبول شعرَ، شيخ اياز ۽ ’وفا‘ کان پوءِ سواءِ اياز گــل جي، ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر وٽان سنڌي ٻوليءَ کي ميسر ٿيا هوندا.
اِجهو اياز گــل جي هِن نئين مجموعي مان به، اهڙي ئي لَب و لهجي وارا هي هيٺيان شعرَ ـ مُنهنجي اڳ ـ ڪٿي آهي ته هندُ سنڌُ ۾ نهايت جلد محاورن مِثل، هُن جي مداحن جي چَپن تي هر حالت ۾ روان دوان ملندا :
جنهن به چهري تي نظرَ پئي آهي
گهاوَ گهري تي نظرَ پئي آهي
-
هُوءَ ته محلين وڃي سُکي ٿيندي
پنهنجي ئي زندگي دُکي ٿيندي
-
فرضُ پنهنجو اَدا ڪندو ٿو رهي
دوست آهي، دغا ڪندو ٿو رهي
-
چنڊَ وانگي راتِ ۾ رهجي وئي
هُوءَ اسانجي ذاتِ ۾ رهجي وئي
-
انڌي ٻوڙِي ٿيندي آهي
گولِي ڪو سوچيندي آهي ؟
-
ڌُوڙ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر
نوڪريءَ سان نِباههُ ڪر بيشڪ !
سوچَ پنهنجي مگر، غلام نه ڪر
۽ هيءُ هڪڙي ٻي خاص خوبي به، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ته، مونکي جهڙوڪر
اياز گــل جي غزل ۾ ئي گهڻو نظر آئي آهي ۽ اُها آهي ’غزل ـ شعر‘ جي پهرين سِٽَ پڙهندي، پڙهندڙَ جي ذهن ۾، پويان ايندڙَ سِٽَ اصل ۾ ته، ڪا ٻي ئي هوندي آهي، پر شاعرُ پنهنجي فني ڪمال سان اُتي رکندو ٻي سِٽَ آهي ۽ جنهن سبب، اُهو شعر پڙهندڙَ لاءِ يڪدم ئي حيرت جهڙو بڻجي پوندو آهي ـ ته مون چيو پئي ته اِهو گُڻ ته ڄڻ، اياز گــل جي غزلَ جو خاص گُڻ آهي. هُنَ وٽ ان رنگ جا هي ڪي ٿورا مثالَ ته ڏسو :
اسان کي ڪهڙي پئي آ، ٺَرون زماني تي ؟
زمانو ڪهڙو اسان تي ڀلا ٺَري ٿو پيو
-
مُنهنجي دل کي اچي لڳا آهن
روڳَ ڀي روزگارُ چاهِن ٿا
-
هڪڙو تون ئي مُنهنجو ٿي وڃ
سڀ سنسار، نٿو گهرجي
-
تيز ڄڻ برسات جيئن هُوءَ ڇوڪري
هيءُ ڪچي ديوار جيان ڀُرندو رهيو
-
بدنَ جي رهي پوءِ به خوشبو الڳ
عطُر ٿو لَٽن کي لڳايو هيو
-
سورجَ سان گڏ سفر ته گُذري ويندو آ
سانجههَ - لَڙِيءَ جا اُلڪا، معنيٰ رکندا هِن
ڪو سمجهي يا سمجهڻَ کان انڪار ڪري
اَناالحق جا نعرا، معنيٰ رکندا هِن
غزل ۾ خيال جي اهڙي تجسس ڀري حُسناڪي ڏيکارڻ کان سواءِ، اياز پنهنجي وايُن ۾ به ان ئي انداز سان اُنهن ۾ ڪششِ رکي آهي :
هلڪو نه ٿيءُ ايڏو
سڀ کان کِڄي رهيو آن
خالي گهڙو ته ناهين !؟
•
تون هُجين ته پوءِ پيارا !
باکَ ۽ بهارُن تي
سوچڻو ئي ڪهڙو آ !؟
•
ڪپ تي ٻُڏي وڃڻ ۽
ٻُڏندي، ٻُڏي ترڻ ۾
ڪيڏو تضاد آهي !
•
مُفلسي ته رهندي ئي
پوءِ وڌيل پگهارُن تي
سوچڻو ئي ڪهڙوآ !
•
هاڻي اکيُن ۾ پاڻي
واريءَ مٿان بـَتيلا
دَردن کي ڪير روڪي ؟
هِندُ جي سُهڻي اردو شاعرَ ندا فاضلي، ڪنهن هنڌِ لکيو آهي: ”زندگيءَ سان مُهاڏي اٽڪائڻ لاءِ بهترين هٿيار ۽ دلڪش طريقو اِهو آهي ته، رومينٽڪ شاعريءَ جي ذريعي زندگيءَ جي ڏُکن ۽ ڏکيائِن جو تدارڪ سوچيو وڃي“. اياز گــل جا شعرَ پڙهو ته لڳندو، هُن به، پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڏُکن ۾، وطنَ واسين لاءِ ايئن ئي ته تدارڪ ڳوليو آهي:
ڇا دوائُن سان جياريون جِندڙي ؟
تُنهنجي نيڻن سان جيارڻ ٺيڪ آ
-
لڳي، جهانَ جا منظر مُئا پيا آهن
کڻو نگاههَ ته هر چيزَ زندگي ماڻي
ٻئي پاسي اياز گــل جو، وحشي انساني جيوَ، يعني اشرف المخلوقات کي ماڻهپي جو ڏَسُ ڏيندڙ هِي هڪڙو شعر ڏسو:
آدمي ! ماڻهپي ۾ رهه ٿورو
ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر
ڏِٺو وڃي ته دنيا جو انسانُ، ڏينهن به ڏينهن اڄ جيڪا بَدنظمي ۽ مَڪاري اختيار ڪندو پيو وڃي، ظاهر آهي ته اياز گــل جهڙو حساس شاعرُ، ان کان اَڻ واقف ناهي ۽ هڪ ذميدار شاعرَ جي حيثيت ۾ ائين ڪرڻ کان، باز رکڻ لاءِ ماڻهن کي، هُن پنهنجي شاعريءَ ذريعي بار بار تنبيهه به پئي ڪئي آهي. تازو Time مئگزين ۾ ڏِٺم، آمريڪا ۾ برانس 200 نالي سان هڪ Expo ۾ سير ڪندي ڪندي، ڏِسندڙ هڪ اهڙي پُراسرار ڪمري جي دروازي وٽ وڃي پُهچندا آهن، جنهن تي لکيل هوندو آهي: ”دنيا جو خطرناڪ ترين جانورُ هن ئي ڪمري ۾ رهندو آهي“. ان ڪمري ۾ گِهربو آهي ته اتي ماڻهوءَ کي، قدِ آدم آرسي رکيل نظر ايندي آهي. جنهن ۾ سامهون نِهارڻ سان، خطرناڪ جانور طور ”ماڻهو“ پاڻ کي ئي نظر اچڻ لڳندو آهي. ٻئي پاسي ڏِسو ته هيءَ دنيا اڄڪلهه حيرت انگيز ايجادُن جي دنيا بڻجي پيئي آهي. قاتل ملڪ گهر ويٺي هزارين ميل ڏُور فاصلن وارن ملڪن تي، ميزائلن سان حملي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيو ويٺا آهن. ڪمپيوٽر انجينيئرن جي دعويٰ آهي ته نهايت جلد، هُو انساني دماغ ۾ هڪ اهڙي Device فِٽ ڪرڻ وارا آهن جو، هُو خود به ڪنهن مشين وانگر ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. تڏهن گلوبلائيزيشن جي نرغي ۾ گهريل دنيا جي انسان کي، اياز گــل جي هيءَ دُعا ڪيڏي نه وقتائتي دعا پئي معلوم ٿئي:
ڀل هُجين تون چينَ ۾، جاپان ۾
شالَ ڳڻجين پيو سدا انسان ۾
اسان هڪ جيڏن ۽ همعصرن جي مقابلي ۾ آئون ڀانئيان ته، اسانجو دوست
اياز گــل ! هڪڙو Contented شاعر آهي، ٿانيڪو ۽ پُرسڪون ، رولاڪن اوجاڳن، آوارگين، ڊِرنڪس، ۽ سموڪنگ کان آجو هڪ شاعرُ، ۽ هڪڙو انسان ! جنهن کي مستور ڀاڀي جهڙي خوبصورت ۽ ذهين زالَ جو پيارُ حاصل آهي، جنهن کي ’پرينءَ‘ جهڙو active ۽ پيارو پُٽ آهي، ۽ جنهن کي هندُ سنڌ ۾ جديد لهجي رکندڙ شاعرَ جي حيثيت ۾ مثالي شُهرت حاصل آهي، تڏهن هُن جي ذاتِ ۽ ڏاتِ تي جيترو رَشڪ ڪجي اوترو گهٽِ.
شيخ ايـاز لکيو هو، هُن سوامي رام تيرٿ جي ڊائرين مان اُتساهه ماڻي، پنهنجي زندگيءَ جو پهريون غزل لکيو هو. اياز گــل پڪ سان ته، جنهن وقت هُن جي مَن ۾ شاعريءَ آرس پئي موڙيا، تنويرَ جي اسلوب ۾ اکيون کوليون هيون، پر اياز گــل بابت منهنجو مطالعو ۽ مشاهدو هاڻي هي آهي ته، هُن وٽ جيترو به آهي ۽ جيڪو به آهي، اُهو هن جو پنهنجو آهي. اَ-ڳاتو ۽ نجُ ! پنهنجو ۽ ذاتي ! ۽ اڄ اياز جيئن پنهنجي Talent باعث، عام پڙهندڙ کان وٺي راڳين ۽ دانشورن تائين هر واسي آهي، اُن کي ڏِسندي اڄُ مون کي يقين آهي ته، ايندڙ زمانن تائين به، هُو پنهنجي انهن گُڻن باعث مير عبدالحسين سانگي ۽ وفا ناٿن شاهيءَ وانگر، هر زماني ۾ چاههَ ۽ ذوق شوق سان پڙهبو پيو ۽ پِيڙهي به پيڙهي پڙهجندو ئي رهندو.
مولاءِ ڪائنات فرمايو آهي: ”جنهن سان مِلو، يا پرکيو، هميشه اُن جي سُٺاين تي ئي نظر رکو، ۽ سندس بُراين کي... ٻين جي لاءِ ڇڏي ڏيو. مؤلا جن جي ان قول تي عمل ڪندي، ايـاز کي مون اڃا به وڌيڪ هِن مُهاڳ ۾ ساراهِڻ پئي چاهيو، ته هُن جو هي شعر اوچتو منهنجي چِتُ تي چڙهي آيو:
اسان جي لاءِ اِها روشني ڀي ڪافي آ
اسان کي ديپُ رهڻ ڏي، تون آفتاب نه ڪر
۽ اڄ... اياز گــل جي شخصيت ۽ غزلَ کي ڏِسندي ۽ پڙهندي، ۽ اُن بابت هي ڪجهه لِکندي حساب ٿو ويٺو لڳايان ته، چوٽيهه سالَ ته واهه جا ٿي ويا آهن، هاڻي اسان جي تعلق کي، ۽ قطع نظر ان طويل رفاقتَ ۽ محبتَ جي، هتي هُن جي سڀاءَ جي ڪِن پهلوئن ۽ غزلن ۾ ڪن هلڪين ڦلڪين شين بابت چاهيان ته انهن کي Point out به ڪري سگهان ٿو ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ذهني طرح سان پاڻ کي مون تياربه ڪيو، پر اَلاس ! اهڙي خيالَ ايندي ئي، ايازَ جي مٿئين غزل جو هي ٻيو شعرُ، اوچتو منهنجي قلمَ جو رستو روڪي اڳيان اچي بيهي رهيو آهي ۽ لڳيم پيو، ڄڻ اياز گــل خود پاڻ ئي پنهنجيءَ معصوم مُرڪَ سان آڏو اچي بيٺو اٿم ۽ چويم پيو:
مَڃان ٿو مون ۾ سوين عيبَ، ساريون ڪوتاهيون
ورهيَن کان پوءِ مليو آن، اِهي حسابَ نه ڪر!
نصير مرزا
ڪراچي، سنڌ.
16-12-2007
نوٽ: ڪراچيءَ ۾ شديد ۽ هنگامه خيز ريڊيائي مصروفيتن مان، آچر- 16هين ڊسمبر 2007ع تي وقت ڪڍي، مون هي مهاڳُ، ڊفينس ڪراچيءَ واري قبرستان ۾، ملڪهء ترنم نورجهان جي تُربت ڀرسان، ٿَلهي تي ويهي، منجهند کان شام تائين جي عرصي دؤران قلم برداشته لکيو آهي. ]ن . م[