خطَ کڻي آيا سندءِ، هَٿِڙن جي سُرهاڻ،
چئهُ کڻي سا هاڻِ، اِي ــ ميل مان ڪيئن اَچي ؟
ڪيرُ سگهي ٿو ڪنهنجون، يادون ايئن لَٽٖي ؟
ڪيئن ڇڏيئه هڪ سَٽَ ۾، جيونَ ــ ڏورِ ڪٽٖي،
تو ڇو سِم مَٽٖي، سمجهو سڀ ختم ٿيو !
”گُوگل“ تي ڳوليو پئي، مون تُنهنجو نالو،
ڪين مليو پر پوءِ ڀي، ڪوئي حوالو،
ڀاڳن تي تالو، ايئن به لڳندو آ پرين !
سمجُهيم، مون کي، پيارَ کي، ڪينَ وِساريندين ،
مون سوچيوئي هو ڪٿي ؟ ، ايئن به ماريندين !
ريلَ گُذاريندين، مُنهنجي سوچُن جي مٿان !
سمجهي توکي اوپرو، ڦيري مُنهن وڃان،
ڀل حقيقتَ ئي سَهي، آخر ڪيئن مَڃان ؟
تُنهنجو دَرُ اَڃا، مون کان ڪٿي وِسريو !
تيز ڊُڪي ٿي ڪارِ ۽، تنهن کان تڪڙا خيالِ،
وِڇڙيا جي پَــرُ سال، مِلندا ؟ مِلندا ڪينڪي !؟
راتِ ٺَـري وئي آ مگر، ناهِن نيڻَ ٺَريا،
تُنهنجا خيالَ ٻَريا، آڳِ سِوا ٻيو ڇا هيو ؟