سَچَ جي ساکَ
سَچلَ ! تُنهنجي ڇايا ۾ هِنَ، محفل کي ته مچائينداسي
ڪُل ڪوڙَ جا ڪنگرا ڊاهي، سچَ جي ساکَ بچائينداسي
تُنهنجي ڌرتيءَ خاطر سائين ! وَرهين تائين وڙهبو رَهبو
سچلَ ! تنهنجو سَچُ امانت، ٻُڌبو رهبو، چئبو رهبو
سرمد وانگي سُوليءَ چڙهبو، سَرمستيءَ جو جَهنڊو کڻبو
موتَ اڳيان منصورُ سڏائي، حقَ جو هر هر نعرو هَڻبو
جنهن، جڏهن به جيئن آ چاهيو، خلقَ سَڄي ريجھائي آهي
پنهنجا مطلب، پنهنجون ڳالهيون، مذهب مَتِ مُنجهائي آهي
مذهبَ جي هِن ڄارَ ۾ ڦاسي، ماڻهو، ”ماڻهو“ ڪينَ رَهيا هِن
مذهبَ جي نالي تي ”ماڻهُن“، روزَ ازل کان سُورَ سَهيا هِن
ڪنِ جا عشق جي آڏو سائين ! نِوڙي نِوڙي نِرڙَ گَسي ويا
ڪي تو پارا سچل سائين ! لحظي اندر عشقُ پَسي ويا
جذبن جي جا جوت جَلي آ، ڪوئي ڪينَ اُجھائي سگهندو
سوچَ رَهِي آزاد ازل کان، ڪين ڪو پَهرا لائي سَگهندو
گُـــلَ جو روپُ وٺي ديسين لاءِ، سانوڻَ جو سينگار ٿياسي
سَچَ جي ساکَ بچائڻ خاطر،ڪڏهن ته تِکڙا خارَ ٿياسي
17-09-1975