ياد
مُنهنجي خيالن جي گهرَ کي
رات وري آ،
کاٽُ هڻي ويو
تُنهنجيءَ يادِ جو چورُ
۽ آهي،
چورائي سڀ خيالَ کڻي ويو
پويان پنهنجي ڇڏي ويو بس
اَڻڀن اَڻڀن، کنڊرَ جهڙن
مُنهنجن هيڊن ڳَلڙِن تي
ڳوڙ هن جي صورتَ ۾ پيرا !
29-03-1978
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو