سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻي!
اکيُن ۾ دَردن جي هيءَ ڪهاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
ڇِڳل جُتِي ۽ چُنِي پُراڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
نه ڳوٺَ بچيا، نه گھَرَ سلامت، نه مالُ، ٻَنيون !
سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
”گُڏيون ۽ سَرتيون، سِليٽَ مُنهنجي، ويا ته ڪاڏي ؟!“
روئِي ٿي سوچي، هي ننڍڙِي راڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
سڀيئي خوشيون، سڀيئي رشتا، ڇَڻِي ويا نِڪري،
هي ٻوڏِ هڪڙي وڏي آ ڇاڻِي ، عيدَ ڪهڙي ؟!
هي ڪئمپَ ناهن، اُداسيُن جو جهانُ آهي،
اچِي جِتي ٿي سوچَ ساڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
ٻُڏَل گھَرن تان، هَوا به گھُلندي اهو ٿي سوچي !
ڪِٿي ته دَردن جي ٿئي پُڄاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
جي تُنهنجي نالي جي لَٺِ ــ سهاري هلن پيا مؤلا !
سَفر ۾ تِن جو اچِي ٿي ساڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!