غزل مسلسل
توکي گُذري توڙي ٿيا هِن لڳ ڀڳ ٻه سؤ سال سچل !
اڄُ به پنهنجي حالتَ ساڳي، ساڳيو پنهنجو حال سچل !
پيٽَ جي جادوءَ ۾ سُڪَ آهي، سونهنَ به جڳَ کان وِسري وئي
ڪهڙا شعرَ، ڪتابَ، ڪهاڻيون، ڇا جا راڳَ ۽ تال سچل !؟
ساڳيون روز مَرڻ جون خبرون، ڪارنهن، بَدلا، ويڙههِ، بُکون !
نئين صديءَ ۾ ايئن جي وياسي، ڪهڙا يارَ ڪمال سچل !
پيارُ لَتاڙي، رِشتا ساڙي، جذبا خُونان خون ڪري
ماڻهپَ کان ٿيا خالي خالي، ماڻهُن ميڙيا مال سچل !
گهرَ ڀي اُڄ محفوظ نه آهن، رَستا واڳونءَ جيان
جيئرا هوندي مُئلَ لڳن ٿا، سارا ٻَچڙيوال سچل !
ڪهڙي دَرَ تي دانهنِ ماڻهو، ڪنهن سان پنهنجا سُورَ سلِين ؟
پنهنجي ديسَ ۾ بگهڙَ آهن، رِڍُن جا رَکوال سچل !
شالَ خيالَ سان گڏجي وڃجي، ڪو مفهوم ملي
تون به ڪوئي خيال هئين ۽ مان به ڪوئي خيال سچل !
حقُ آهي يا ناهي سائين !، پوءِ به چئون ٿا ”حق موجود“
آسَ اها ئي نيٺ ته ڀَربا، روحَ جا پنهنجي خال سچل !