اسان ڀي اوهانجو ڏِٺو پيارُ پيارا !
ڏئي پوءِ کَسي ويئو سَمورا سهارا
ڏِسو ڪيئن واٽون وڃايلَ لهون ٿا
اوهان اَڄُ اکيُن جا ڪيو جي اشارا
ڪبوتر جيان آءٌ اُڏري هليو تون !
رکيا تو لئه خالي اَٿم جيءَ جارا
اسان تي به ڀُلجي ڪيو ڪو ڪرم اَڄُ
تڪي نيڻَ واٽون ٿَڪيا هِن آسارا
وَريو آهي ساجنَ ! ڏيڻَ سُورَ سانوڻُ
سواءِ تُنهنجي هاڻي ٿينِ ڪيئن گُذارا ؟
اوهان جي ته پيرن برابر ڀي ناهيون
ڪِٿي چنڊُ آهي، ڪٿي سائين ! تارا
پنهنجي پرين ! پيارَ جي بندَ ۾ شل
پَون نفرتُن جا ڪڏهن ڪين گهارا
کڻي نيڻَ ڀِنڙا، جڏهن تو نهاريو
تڏهن مُنهنجا تڙپي، رُنا شعرَ سارا
سچائيءَ تي جن جو اَچي دنگُ ٿئي ٿو
اسان پنهنجي لئه سي ئي چُونڊياسي چارا
ڪهاڻيون ائين ته ڪروڙين ٿين، پر
ٿينِ نينهنَ جا ٿا فَسانا نِيارا
سدا سِيرَ ۾ آ، اسان سُک پاتو
اوهان کي ته ڏاڍا وَڻيا ٿي ڪنارا
اسان ئي ته توکي ڏني سونهنَ آهي
اسان سان ئي ويڇا ؟ اَڙي سونهنَ وارا !
ڏسو ڦيٿو دُنيا جو اونڌو ڦِري ٿو
ٿيون راتيون روشن، ٿيا ڏينهنَ ڪارا
ڪيون ”گُلَ“ سدائين سڀن کي دُعائون
ته: ”ماڻيو جواني، جيئو شالَ پيارا !“
8-7-1976