ڀيٽا
- جيڪو ڪوتا-ڪاڪ جي مومل جو مينڌرو آهي، تنهن ساڻ آءٌ اوهان جو ڪهڙيءَ ريت مکاميل ڪرايان!؟ مومل ۽ راڻو، جيڪي سنڌ ڄاين وٽ عشقِ مجاز جا سداحيات ڪردار، ۽ اسان جي ڪلاسيڪل شعر و ادب جا ته اڻ مٽ اهڃاڻ آهن، پر مون لاءِ اهي اڃا ڪجهه اڳتي، ”تخليق“ ۽ ”تخليقڪار“ لاءِ استعارا آهن. جھڙيءَ ريت وڏي جَتن کان پوءِ راڻو پنهنجي مومل ماڻي ٿو، تھڙيءَ ريت هڪ تخليقڪار (راڻو) پنهنجي فطري سڀاءُ ۽ سُوجهه ٻُوجهه (ڏات) وسيلي، عقلي دليلن (ڏانوَ) ساڻ تخليق (مومل) ماڻي ٿو.
ياد رهي!
جيئن راڻي کي پنهنجي (مومل) جي ڏاگهه چڙهڻ جو موقعو- سومل جو سوانگ (عقلي آرو) عطا ڪري ٿو. تيئن هيءَ ڪوتا (مومل) ۽ ڪويءَ (راڻل) وچ ۾ هي سومل جو سوانگ سجايو ٿي به ويندو آهي- پر هڪ تخليقڪار اهڙو راڻل آهي، جيڪو پنهنجي تخليق جي مومل ماڻڻ بعد - ڪنهن به سومل جي سوانگ ۾ ڦاسي، کيس هرگز ڏاگهه نٿو چاڙهي- ۽ اسان جو هيءُ سرجڻهار سجن، پنهنجي سجني لاءِ ڏاگهه چڙهڻ بابت سوچي به نٿو سگهي. اهڙي سچ جو سانکي، سندس تخليق جي مومل جو هيءُ نئون ماڻو (مجموعو) آهي، جنهن سان اڄ اسان سڀ سنمک ٿي رهيا آهيو؛ جنهن لاءِ کيس واڌايون.
- آسي زميني
ٽنڊو قيصر
28 مارچ 2013ع