سِڪ جو سينو ...
هاءِ هينئين ۾ ڪو ته هُري ٿو
اڄ به جُهڳيءَ۾ جيءَ جليو پئي
وڻ وڻ لوڏي سيءُ رُليو پئي
چاڙھ چڙهيل آ جوڀن جو جر
لڱ به بڻجي لهر پيا هن
ڪيڏي ڊسمبر ڊيگهه ڪئي آ
ڪڙڪي من تي قهر پيا هن
سوڙ ۾ دل جي سار ٺري ٿي
اُٿيو اونها ساھ ڀري ٿي
پاسي ۾ ئي چُلهه ٻريل آ
ها پر سارو جسم ٺريل آ
هر هر اُٿيو پاسا ورائي
هٿڙا سيڪيو لمحا لُڇائي
شُوڪارن ۾ شهر ٻُڏل آ
رستن تي تنهائي سُتل آ
کُليل در مان جهاتي وجهي ٿي
پنهنجو پاڻ ۾ ڪاتي وجهي ٿي
پر نه ڪوئي پيرو آهي
رات جو رنگ به گھرو آهي
سيءُ سَٽي پيو سِڪ جو سينو
سمنڊ جي وچ ۾ آهي سفينو
پر هت بُت ٿي برف ڀُري ٿو
روز هينئين ۾ سُور سُري ٿو
اوجاڳن ۾ عشق ٻري ٿو....
†