اسان سڏ پنهنجا نه واري سگهياسين،
نه ئي مُحبتن کي ڪو ماري سگهياسين.
اُٿي درد درياھ پيو سُهڻيءَ جان ٻوڙي،
دلو دل جو مُرڪي نه تاري سگهياسين.
تمنا هُئي تاريڪين کي تڙڻ جي،
مگر اک ڏِيئي جي نه ٻاري سگهياسين.
خوشيءَ جي جسم تان ميرو گج غمن جو،
زمانا ٿيا نَه اُتاري سگهياسين.
اکين جي اڱڻ تي ڪُٺا خواب جيڪي،
اُنهن جو نه رت ڀي ڌُئاري سگهياسين.
سوين حسرتن سان ڀريل غرق ٿي جا،
نه سا ناوءَ آڻي ڪناري سگهياسين.
†