بازارِ مفلسيءَ ۾ انسان ٿو وڪامي،
پئسن جي وهڪري ۾ ايمان ٿو وڪامي.
هن دؤر جي اکين ۾ گهوري ڏٺو مون آهي،
اڄڪلهه ضمير يارو آسان ٿو وڪامي.
واعظ پيا ٿا وڦلن مذهب کي مات ڏيئي،
فتويٰ جي فيصلن ۾ قرآن ٿو وڪامي.
شاهڪار چترڪاريءَ جو آڱريون وساري،
مُلهه جو وڌائي ماپو ڀڳوان ٿو وڪامي.
رندن جي رونقن تي آهي اُداسي ڇانيل،
موکيءَ جي مٽ سان گڏ مئخان ٿو وڪامي.
رستن تي رَتّ جو ڄڻ درياھ پوي ٿو اُٿلي،
رهبر جو رهزنيءَ سان اعلان ٿو وڪامي.
†