آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو...
جنهن سان رُسوائيون
هجرت جي رستن تي رُلندي نظر اچن-
۽ محُبتون مُرڪن جو ماڳ بڻجي
نفرتن کي ننڊ سُمهاري ڇڏين.
آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
جنهن مان غُربت
پنهنجي اُجهاڻيل چُلهه جي احساس مان ٻاهرنڪري
ٻن ويلن جي ماني سڪون سان کائي سگهي-
۽ هڪ سٺي زندگيءَ جي شروعات ڪري سگهي.
آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
جيڪو مذهبن ۽فرقن جي ڦنڌي مان
ماڻهوءَ کي آزاد ڪرائي سگهي-
۽ انسانيت جي اهميت کي
خُدا جي خيال جيئان وشال بڻائي،
ندين جھڙو وهڪرو ڏئي ڇڏي.
آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
جنهن کي فالج ۾ ورتل فنڪار
ڳائڻ سان ئي صحتياب ٿي پوي-
۽ نئين سِر سُرن ۾ ساھ ڦوڪي
پنهنجي ڪَلا کي عشق جي آواز ۾ لاهي سگهي.
آئون اهڙو گيت ناهيان لکي سگهيو
جنهن سان ڪنهن ڏکايل ماءُ جو
درد هلڪو ٿي سگهي-
۽ خودڪش بمبار هٿان
مارجي ويل ٻار واپس زندهه ٿي پون.
ها! پر اڄ آئون اهڙو ئي گيت لکڻ ٿو چاهيان..!!
جنهن کي ٻُڌڻ سان
مجبوريون پنهنجي ئي موت پاڻ مرڻ لڳن
سوچن جا سينا تلوارجي تکائي جيئان تجلائيندا رهن
ڌرتي انقلاب جي اک بڻجي
ويڙھ جي وکن تائين جاڳندي رهي-
۽ آزاديءَ جي روشن چهري تي هميشه
ڪاميابيءَ جون ڪوسيون چُميون ڏيندي رهي...
†