زندگي...
زندگي هڪ ڦٽ آهي
جو ڄمڻ سان ئي *چِڳي ٿو
ننڊ جي ناڙي مان نڪري
درد ڪنڌيءَ سان لڳي ٿو
روڄ ۽ ريهاٽ آهي
چين سڀ چيهاٽ آهي
سانجهه جو سينو اڃا ڀي
رَت ڳاڙيندو وتي ٿو
آسمانن ۾ اُداسي
لُڙڪ ڪڪرن مان ڪري ٿو
جڳ جو هر هڪ جياپو
دوزخن جو دنگ ٿي پيو
آدمي اڄ ڀي اڪيلو
*چِڳڻ: چِڪڻ لفظ جو لاڙي لهجو.
مذهبن جي ميڙ ۾ آ
ڄڻ ڪنهن ڦاٿل ويڙھ ۾ آ
ڪائناتون ڀي ڪنبن ٿيون
روح رمشا جان رڙي ٿو
تهمتن جي تلخين ۾
پر خيالن ۾ خُدائي
ڪونه خيما کوڙيا هن
سڀ مسيحا ماٺ ۾ هن
تڙپ ڏس تلوار وانگي
پئي وجودن کي وڍي ٿي
زهر جھڙين ذلتن سان
سڀ زمانا زخمجن پيا
انتظاريءَ جون اکيون ڀي
اُڃ ۾ ئي اوتيل هن
۽ پتڻ جا پُور ڀي ڏس
ڪونه گهاگهر سان گڏيا هن
واٽ هرڪا ونگ آهي
ڏيهه سارو ڏنگ آهي
جو ڏکائيندو رهي ٿو
روز خوشين جي هينئين جو
ماس کائيندو رهي ٿو
ساھ کي ڪا سَٽ آهي
زندگي هڪ ڦٽ آهي...
†