آس جو صُبح...
اکيون مهٽي جڏهن جاڳيو
ڏٺائين لاش ڌرتيءَ تي
۽ گولين جي آوازن سان
رڙيون ۽ رت جاري هو
صبر جو ساھ مان سُڏڪي
تڳيو پئي تڙپ ۾ سينو
زخم ٿي زندگي آهي
جسم جي هر جوانيءَ کي
لُٽيو لاوارثي آهي
جيئڻ جي جاڳ جا رستا
حراسن جي هٿن ۾ هن
اسانجي ڇو گُمانن ۾
رُڳو رُسوائيءَ جو رڻ آ
اسانجي ڇانوءَ ڇانگي وئي
اسان جي ڀاڳ ۾ بچيو
اُگهاڙو وقت جو وڻ آ
اسان تاريخ جي تن تي
تماشا ٿي ويا آهيون
رکيل ڪنهن سردخاني ۾
ها! لاشا ٿي ويا آهيون
زماني جي ضعيفيءَ مان
رُڳو الزام اُڀرن ٿا
غلاظت جي گلين ڄڻيا
حرامي ٻارهَوسن جا
اڃا آزاد سوچن جا
پکي پرواز ۾ ناهن
نه ئي ڪي گيت گُهنگهرو ٿي
لٿا آواز ۾ آهن
نه ساهڙ جون اُهي سارون
نه سهڻيءَ جي سڏن کي ڀي
اُٿي درياھ ڌوئي ٿو
اُداسين جي اونداهين ۾
ڪُٺا هن چنڊ چُمين جا
غمن هر گسّ گهايو آ
ڳڀا هن ڳوٺ دلين جا
اسان جي آس جو صُبح
سڄو زخمي ٿيل آهي
سڪونن جو سفر سارو
صليبن تي سٿيل آهي...!
†