بي ترتيب لمحا...
گُم ٿي ويل غُربت
ڪوبه خوشيءَ جو گيت ڳائي ناهي سگهي
زندگيءَ جي پياني جا سُر
بي ترتيب لمحن جي آڱرين کان
وڃائجي ويا آهن
وقت جي ميري چادر ۾ مري ويل
ڪئين لاش لاوارثيءَ ۾ لُڇي رهيا آهن
خُدا جي خيال مان
پٽ تي ڪري پيل غربت جي گراھ
انسان جي ايمان کي اُگهاڙو ڪري ڇڏيو آ
ورثي ۾ مليل مُفسليءَ کي
ڪير ٿو گُهٽا ڏئي ماري سگهي!؟
فقير گيڙو رنگ جي گودڙيءَ ۾
اڄ به پِن جو اٽو گڏ ڪري رهيا آهن
اميرن جون عورتون ته
غير مردن جو ٻج رکائي به
پُٽ حاصل ڪري وٺنديون آهن
پر هن سال به اُن فقيرياڻيءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي
جنهن پنهنجي پُٽ لاءِ
ڀرت واري قميص سبي هُئي
مُرلين جي منهن تي ته
واسينگ به وٽجي وھ وڃائي ويهندا آهن
پر الائي ڇو !؟
هن ڪائنات جي هر ڪُنڊ مان
غُربت جوگس کُٽي ئي نٿو
۽ زندگيءَ جي ساھ لئه
سڪون جھڙو ساز ڦُٽي ئي نٿو...!
†