مڪمل ٿيئڻ جي آس...
۽ تون چنڊ جي روپ ۾ رچي وئي آهين
مون جيڪي به تنهنجي نديءَ جھڙي جسم مان
سُر ۽ سنگيت چپن سان چونڊيا ها
سي سمورا بي سُر ٿي ٿڪجي ۽ ساڻا ٿي پيا آهن
۽ ساهن جي سفر ۾ به
ڪئين تڙپ جا طنبورا
تارون تپائي بي وقتائتا وڄي رهيا آهن
آئون اڌ وڍيل انسان
اڄ عشق جي احساس کان هيٺ ڪري پيو آهيان
۽ وقت جي فُٽ پاٿ تي پيل منهنجا خواب
ڪوبه خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي
آئون پنهنجي زندگيءَ جي اُداس ۽ اڪيلي ٻانهن تي بار بڻجي
بي ترتيب لمحن مان لنگهي رهيو آهيان
۽ هڪ دفعو ٻيهر تو منجهان تعمير ٿيئڻ لئه
ڪا نئين ترڪيب تلاش ڪري رهيو آهيان
ته جيئن پنهنجي مڪمل بناوٽ سان بحال ٿي سگهان
۽ تو چنڊ جي جسم سان ٻيهر ٻکجي
محبتن جي معيار مطابق جيءَ سگهان.
†