اسان اُجالن جي آس ۾ ئي حيات پنهنجي وڃائي آهي،
صُبح جو سينو اُداس اڄ ڀي ۽ رات پنهنجي وڃائي آهي.
گُلابي شامون قتل ٿيون هن، پرھ جي پنڌ تي آ رَت هاريل،
واهيات نظريئن جا نيڻ چُمندي نجات پنهنجي وڃائي آهي.
اڃا سُکن جو پيو ساھ سُڏڪي، صليب ڀي ڏس سُتا ڪٿي هن،
ذلالتن جا ئي زخم سهندي ها! ذات پنهنجي وڃائي آهي.
وفاق تنهنجي وکن جي آڏو حُسيني لشڪر جيئان لُٽياسين،
فنا جي ڦنڌي ۾ پيا ٿا ڦٿڪون، فُرات پنهنجي وڃائي آهي.
شعور جو سج اڃا سُتل آ پُڪار جو ڀي آ پنڌ ماريل،
ڏيئو نه بڻجي سگهي جا سنڌ لئه سا ڏات پنهنجي وڃائي آهي.
†