آئون اڪيلو...
مون سان ٻکيل آهي ٻاٽ
مون ۾ ڀي ڪا ٻاريو لاٽ
آئون انڌيرن جي اکين ۾
صدين تائين سُڏڪيو آهيان
ساھ صليبن تي سهڪائي
لاشن وانگي لٽڪيو آهيان
منهنجو سج سُتل ڇو آهي؟
ڪوته صُبح سان ڀي ڳالهائي
آئون فڪر جي روز ڦنڌي ۾
ڦاهيءَ تي ڄڻ ڦٿڪيو آهيان
پير نه پُٺتي هٽڪيو آهيان
ها پر منهنجي آس اڃا ڀي
اوجاڳن جي اُڀ ڏي اُڏري
پنڌ نه پنهنجو ماريو آهي
هر ڏيئي جي وٽ سان وٽجي
احساسن کي ٻاريو آهي
هيءُ جو مُنهنجو جيءُ جليو آ
روز پرھ سان پرچڻ جي لئه
تنهن جي تانگهه تنواريو تڙ تان
ڪويل بڻجي ڪوڪڻ جي لئه
آئون اروڙ جي ارڏائين مان
ٻيهر اُڀرڻ لاءِ آتو
ساموئي مونکي آ سُڃاتو
روھ جبل تي روهاڪيءَ جان
منهنجا سڏ ستارا ٿيندا
هر غُلاميءَ جو گهر ڊاهي
لهرن سان لامارا ٿيندا
آزاديءَ جي آوازن سان
نينهن به نکري نيارا ٿيندا
سارو ديس ڌمالون ٿيندو
خوب جمالا پيو ڳائيندو
هي سڀ ڳڀرو اوچا ڳاٽ
جن جي ٿڪڻي وک نه واٽ
سي اونداهين کي اُڇلائي
جرڪائيندا هر هڪ جاٽ
مون ۾ ڪا ٻاريندي لاٽ...!!
†