پاڻي لڱن جي مٿان، جڏهن هاريائين،
مُندون ٺاريائين، درياھ لهرون ٿي اُٿيو.
*
پاڻيءَ لڱن کي سڄو، جڏهن پُسايو،
اُرهن ڳالهايو، چنبڙي پوءِ چوليءَ سان.
*
مندر ۽ مسجد اندر، ٻنهيءَ ۾ ڏيئو،
ٻرندو ئي رهيو، صدين کان ئي ساڳيو.
*
تنهنجي ڇاتيءَ مان اُٿي، اُڀريو آهي چنڊ،
چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ، جرڪي جيئن جُوار سان.
*
تنهنجي ڇاتي ڄڻ پرين، سنڌوءَ جي ڌارا،
مُحبت ڪنارا، ڇوليون ڇوليون ٿيو پُسن.
*
تنهنجي ڇاتيءَ جو اُڀو، ڏسندي ئي محراب،
سوچن منجهه ثواب، سجدي لاءِ ڊوڙيو.
†