سرحد جي هُن پار...
سرحد جي هُن پار ويا ها
راجستان جون راڻيون ماڻي
لکنوءَ ڏانهن ته لڙي پيا ها
هاءِ ڪجل جي ڪاني ڀي ڏِس
ڪيڏو سونهن ۾ ساھ وجهي ٿي
چنبيلي ڀي خوشبوءِ کولي
روز چڳن مان چاھ چُمي ٿي
ڇا ته حُسن جي هوليءَ ۾ اڄ
منهنجا سپنا رڱجي ويا هن
سڀ گُناھ گنگا ۾ ڌوئي
ڀاڳن سان ڄڻ ڀرجي پيا هن
گيت گيت ٿيو گهنگهرو آهي
سُرندي کي آواز سڏي ٿو
ميران تُنهنجي محفل ۾ اڄ
راتيون رقص ڪرڻ ٿيون چاهن
غالب جو ڪو غزل ٻُڌڻ لئه
مڌ جا پيالا خوب پيئڻ لئه
خيال خُمارن سان ڀريا هن
مُجرن کي ڪا ماٺ نه آهي
پيئي دلالي در کڙڪائي
جسم جسم جي
جاٽ جلي ٿي
سُور نه ڪنهن سان سانجهه سلي ٿي
هاءِ ثوابن جي ته سفر لئه
هر گرجا جو گس سڏي ٿو
هر هڪ موڙ تي مسجد، مندر
پنڊت، ملان، ڀڪشو، مُفتي
گيان، اذانون، گهنڊ وڄن ٿا
ماڻهپ جو ڪو مذهب ناهي
ڪونه ٿو ساڌو ڪو سمجهائي
پوءِ ڀي دڦ تي ڌُن وڄائي
گليءَ گليءَ ۾ ناچ نچن ٿا
سپنا ڪنهن کان ڪونه ڊڄن ٿا
پنهنجي سي آزاد دُنيا ۾
ساڀيائن جو سج لڳن ٿا
هر فرقي جي دار کي ڌوڏي
سرمد بڻجي سچ چون ٿا
ڪنهن فتويٰ کان
ڪونه ڪنبن ٿا
منهنجا سپنا
جن وٽ ويزا ناهه وطن جي
سوچن جي بس پرڙن سان ئي
سرحد پار ڪري ويندا هن
هر قانون جو ڪنڌ مروڙي
واپس موٽي ايندا آهن
ها مون پنهنجي
سپنن تي ئي سوچيو ويٺي
رات به پنهنجا بيچينيءَ مان
پاسا ورائي ٿڪجي پئي هُئي
سانت اندر ڄڻ
خوف ڇڏيو هو خنجر کولي
ها اِئن جيئن ڪنهن زخمي هرڻ کي
ڪوئي شڪاري رڻ ۾ رولي
گوليءَ جو آواز اچانڪ
سرحد جي سيني تي جاڳيو
منهنجن سپنن سان گڏ ڪيئي
پکين جا ڀي پر پکڙيل ها
رَت رُليو پئي رستن تي ۽
گولين سان ڪئين گهر اُجڙيل ها ....
†