گوليءَ جي گونج...
۽ پکين جو پنڌ ماريو آ ويو
سرحدن جا ساھ سوڙها ٿي پيا
لُڙڪ جو لاشو ڳلن تان پيو ڳڙي
شهر جي چهري تي راڳيل رَت آ
۽ امن جو آسمان آهي اُداس
سڀ ستارا روشنيون هاريو روئن
وحشتن جي ڪنهن به وک ناهي جهلي
ڪالھه جيڪي قافلا ماريا ويا
ڪونه تن جا لاش ڀي ساريا ويا
ڪير ميڙي جسم جا ٽُڪرا ٽُٽل
سڀ سهارا چُپّ جي چادر اندر
ساھ جون سُرڪيون بچائڻ لئه لڪل
زخم آهي زندگيءَ ۾ گهر ڪيو
هر خوشيءَ جو خون ڳاري تر ڪيو
خوف خيالن کي اڃا کائي پيو
بُک بارودن جي ٿي ڀيليو ڇڏي
ماءُ جي ارپيل چُميءَ جھڙي حيات
ڪلهه ڪَنوَر جي سڏ کي ساڻو ڪري
رُڪ اسٽيشن مٿان ڪا رات هاري
گهاءُ گولي تو ڏنو هر گيت کي
سُور سان ساڻو ڪيئي سنگيت کي
اڄ ڪراچيءَ جي لڱن ۾ ڏس لهي
بيگُناهن جو بدن ڀوري ڇڏيئي
هر خدائيءَ جي تصّور کي تڙي
جيءَ جي جُڙيل جُهڳي جهوري ڇڏيئي
تنهنجي ٻوليءَ کي نه سمجهي ڪو سگهيو
هاء گوليءَ کي نه سمجهي ڪو سگهيو ...!
†