اجازت کان بغير
آئون هن بيگر واري زندگيءَ جو
بار گھلي بور ٿي پيو آهيان
مونکي اُن مذهب ۾ زوري اڇلايو ويو آهي
جنهن ۾ منهنجا وڏا
اڃا تائين اکيون پوري پنڌ ڪري رهيا آهن
آئون ڪنهن به ٻئي جي مڙهيل
فيصلي ۾ فنا ٿيئڻ نٿو چاهيان
آئون پنهنجو پاڻ مان ٻاهر نڪري
هڪ اهڙي دنيا ۾
داخل ٿيئڻ ٿو چاهيان
جت آس جي ڳل تان
ڳوڙهو ڳڙڻ جي ڳالهه نه ڪري
جت گناھ ۽ ثواب جي موضوع تي بحث ئي نه هُجي
جت دوزخ ۽ بهشت جي
خيال ۾ ڀٽڪڻو نه پوي
جت انسان جي اهميت اڳيان
هر فساد جو ڪنڌ ڪپيل هُجي
ها آئون ڄاڻان ٿو ته ...
خساري ۾ ورتل اڄ جو انسان
منهنجي هن احساس جي کُليل اظهار کي
بغاوت جو نانءُ ڏئي
ناقابلِ معافيءَ هٿان مارائيندو
۽ جھالت جو جواز ڄاڻائي
سنڌ جي صوفي روحن وانگي
اَذيّتن ۾ اڇلائيندو
۽ هڪ دفعو ٻيهر ...
مونکي منهنجي اجازت کان بغير
منهنجي ئي جسم جي گهر مان زوري ٻاهر ڪڍيو ويندو!
†