سمنڊ جو سجدو...
لهر جي لڱ ۾ لهي
۽ مُهاڻيءَ جا سمورا
انگ اُجرا ٿي پيا
سڙهه سيني جا اُڀا
روز ٿا ڇڪجي پوَن
تانگهه جي تلوار سان
روز ٿي وَڍجڻ لڳي
سِڪ جي ڪا سرڪشي
ڇير جي ڇمڪاٽ تي
لاڙ لوڻان ٿو هڻي
۽ ڦڳُڻ جا ڦول سارا
مّن کي مهٽيو اُٿن
رڇّ وانگي روز دل جا
ٿا سڳا سوڙها ٿين
روز ٿو ڇڪجي وڃي
هانءُ منهنجي هٿّ مان
۽ ڇلر جي ڇٽّ جي
واس ۾ ٿو ويڙهجي
ساهه جو سارو سفر
تو ٻڌيون ڄڻ وقت جي
چيلهه ۾ آهن چڳون
۽ اَسر تو مان اُٿي
روز ٿو آرس ڀڃي
تون بدن جي باک جو
ڪو جزيرو ٿي لڳين
ساحلن جا سڏ ڀي
تو مان ٿا سيرابجن
ٻيڙين جي ٻانهن ۾
ونجهه وانگي ٿي لڳين
تون ته جوڀن رُتّ ۾
مٽ آهين مڌّ جو
رند هرڪو تو اندر
پاڻ رولڻ ٿو لڳي
مان به ڏس پيالن جيئان
تو منجهان ڀرجڻ لئه
اُڃ بڻجي ٿو اُٿان
کيپ تو مان ٿا کُلن
جسم جي هر جوٽ تي
هر صراحي سُرڪ جي
تو منجهان پلٽي پرين
مئڪدو آ ٿي ويو
سمنڊ سجدو ٿي ويو.
†