سنڌ جو سجدو...
ڌرتيءَ تُنهنجو دين ڌرم
سن مان تُنهنجا سڏ اُٿيا ٿي
آزاديءَ جي اعلانن سان
تُنهنجي جُرئت آڏو سڀني
زندانن جا زور ٽُٽا ها
هرسازش جو سينو چيري
سچل بڻجي سچ چيو تو
سيّد کان پو تو ۾ سنڌ جو
سارو نقشو نکري پيو هو
تُنهنجي للڪارن جي اڳيان
اونداهين جا عڪس ٽُٽا ٿي
تون ئي چانڊوڪين سان ويڙهيل
اجرڪ جھڙو عشق پرين!
تو مان دودا، درياھ خان
ارڏائين سان اُڀريا ها
روپلي تو ۾ راتيون گهاريون
تلوارن جي تجلن سان
ٻاگهين لئه تون ٻل هُئين
آزاديءَ جو هل هُئين
تو ۾ مياڻي مهڪ بڻي هُئي
کرڙيءَ تُنهنجا خواب ڏٺا ها
تُنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي قومي
ڌارائن جا ڌڌڪا ها
تُنهنجو دؤر درياھ جي مستي
لهر لهر ٿي توکان لرزي
تُنهنجو ويس وطن جون ڳالهيون
ڳاڙهي جهنڊي جھڙو تنهنجي
احساسن جو رنگ هُئو
تون هر ماپي ميک کان اڳتي
تُنهنجو ڪوئي دنگ نه هو
اڄ ڏس تنهنجي ننڊ سُمهڻ سان
سيّد سن ۾ سُڏڪيو آهي
هاءِ ڀٽائيءَ بيچينيءَ مان
تڙپي ڪيڏارو ٿو ڳائي
ويڻ ويڻ جو گهاءُ ٿو گهائي
تنهنجي ڳالهين جا ڳھه چُميو
سهڪيو سيني ساڻ لڳائي
سنڌ جي سِر تي پوتي ناهي
ساھ ڇڄِي ٿيو ڇيهون آهي...!
†
شهيدِ سنڌ، محترم بشير خان قريشيءَ جي نانءِ