لهرن ۾ لوڇ آهي، بندر سُتا ئي ناهن،
ٻيڙيون ٻُڏل ٻکن جون، اندر سُتا ئي ناهن.
هر رات جي چڳن تي، ڏسندي چُمي ڪا چنڊ جي،
ڪي سڪّ جا سيڪارا، ساجهر سُتا ئي ناهن.
برسات ۾ ڀِڄائي، آئي بدن گُوارڻ،
گيتن ۾ گهاگهريءَ جا، پو سُر سُتا ئي ناهن.
آواز ۾ اُداسي، نيڻن مان ننڊ اُڇُليل،
هن ڌڙڪندڙ دلين جا، ڏِس در سُتا ئي ناهن.
صحرا سمونڊ وانگي، تنهائيءَ ۾ تري ٿو،
جنگي سپاهين جان، ڇو بَر سُتا ئي ناهن؟
تلوار جي تِکائي، جسمن لئه جهير آهي،
وحشت وجود ۾ آ، خنجر سُتا ئي ناهن.
سالن کان سنڌ تنهنجو، سينو لتاڙجي پيو،
ڌارين جي ڌوڙ جا هت، لشڪر سُتا ئي ناهن.
†