گُلشيفته فراحاني...
ڄڻ اڌ ڪُٺل اڌورو، ڪو خواب پيو آڀٽڪي
هڪ رقص بيخوديءَ مان سارو بدن ڀِڄائي
سوچن جو سينو چيري
احساس جي اڱڻ تي نئين سرنچڻ لڳو آ
هر فڪر کي فنا ڏئي
گُلشيفته جي گهنگهرن سان گڏ رچڻ لڳو آ
سڀ دؤر جون ديوارون پُرزا پيون ٿي آهن
تقويٰ جون ڀي ترارون
اڄ مياڻ ۾ مُئل هن
هڪ وقت جو خُميني خاموش ٿي سُمهي پيو
ٻيو ننڊ مان نجادي نشتر جيئان اُٿيو آ
تاريخ جي دريءَ تي
ساڳي آ دز چڙهيل
ايران جي اُداسي مُرڪن ۾ ناهي ماپي
جوڀن جي جرئتن ۾ ڪيڏو جمال آهي
ڄڻ حُسن جي هينئين مان نکريو ڪمال آهي
تو سمنڊ ۾ مڇيءَ جان
خود کي ڇڏيو سمائي
هر سوڪ جي سيني تي تنهنجو مثال آهي
سرحد جا هي سپاهي توکي ڇا سگهندا روڪي
تنهنجي نهار ۾ ڪئين
مون عشق جا ڪبوتر
هر صُبح جي سَفر تي، ها! اُڏرندي ڏٺا هن
تون خيام جي رُباعيءَ جو ڪو رواج آهين
پنهنجي ئي پاڻ ۾ هڪ جُڙيل سماج آهين
تنهنجي جسم جي پيالي
جا کيپ ٿا خُمارين
پابند روايتن جا سارا وضو ٿا هارين
مفلوج ماڻهن جي لفظن جا لاش توکي
سمجهن ڪُفر، گُناھ ٿا
تون اڄ ثواب وانگي ظاهر جو ٿي پئي آن
بدذوقيون سموريون ڇرڪيو اُٿن اُگهاڙيون
وحشت سان وک کڻن ٿيون
اکين ۾ ڀي اُماڙيون
تن کي خبر ئي ڪهڙي تُنهنجي نزاڪتن جي
ناپاڪ نظرين کان تُنهنجي اُڏار اڳتي
تون روح جي رُتن ۾
وهنجڻ لڳي جو آهين
سڀ پيار جا پيغمبر تُنهنجي پُڇاءَ ۾ آهن
هڪ سُرڪ سونهن لاءِ
نڪتل صدا ۾ آهن
تُنهنجي کلڻ سان ڪيئي خاموشيون ٽُٽن ٿيون
۽ رات جي اکين ۾ روشن بتيون ٻرن ٿيون.....!!!
†