ديوارون ڌوڏي ڇڏي، اهڙو ڏي آواز!
سچائيءَ جو ساز، گونجي هرهڪ گهر مان.
*
ڳاءِ اهڙو گيت ڪو، جنهن سان جهومي جڳ،
سچائيءَ جو وڳ، صدين تائين ساٿ ڏي.
*
سنڌ! تنهنجي ساھ ۾، شهيدن جا سڏ،
پيڙهجن پيا هڏ، گهاڻي ۾ مخدوم جا.
*
الله ڏسندو ٿو رهي، ڪُسجي پيو انسان،
ڌرتي آسمان، رنڱجو وڃي رَتّ سان.
*
ماڻهو مندر ٿي ويو، ماڻهو ٿيو مسجد،
اورانگهي هر حد، وَيو آ وشواس جي.
*
ماڻهو هندو ٿي ويو، ماڻهو مسلمان،
اندر جو انسان، ساڳيو سُتل ئي رهيو!
آزاديءَ جي اُڃ آ، مونکي ازل کان،
غلامي! توسان، ويڙھ ٿيو وڙهندو اچان.
*
آئون تنهنجي آس جو، اوجاڳو آهيان،
توکي پيو ڳائيان، صدين کان ئي سنڌڙي!
*
رنگ مون مان رات جو، ڌوئي وڃ هاڻي،
منهنجو ڀي ماڻي، ساھ ڪڏهن سوجهرو.
*
چُمي تنهنجي چيلهه کي، جڏهن ٿي گهاگهر،
منهنجو ڀي اندر، اُڇلون ڏي ٿو اُڃّ مان.
*
ڌرتي! تنهنجي ماس کي، پٽين پيا ڪُتا،
اڃا ڀي جُتا، قوم نه لاٿا پير مان!
*
تنهنجي نسل ۾ وڏو، آهي ڪوئي شڪ،
ڌرتيءَ کي تو ڌڪ، هنيو آهي هانوءَ ۾.
†